نيويارڪ ( م ڊ ) آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جو چوڻ آهي ته غزا ۾ خوراڪ، پاڻي، بجلي ۽ ٻارڻ جي ترت بحالي ڪرائي وڃي. ڪانگريس ميمبرن صدر بائيڊن کي خط لکي غزا جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صدر بائيڊن اسرائيل پاران غزا لاءِ انساني ضرورتون بند ڪرڻ واري معاملي کي ڏسي. آمريڪي ميڊيا موجب ڪانگريس ميمبرن چيو آهي ته اسرائيل جي حملن سان غزا جي صورتحال، اتر غزا مان لکين فلسطينين جي نيڪالي ۽ انهن جي خطرناڪ نتيجن تي ڳڻتي آهي.