پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل ۽ شڪارپور جي گڏيل ڪچي واري علائقي ڪوٽ شاهو ٿاڻي تان اغوا ٿيل ايس ايڇ او محبوب علي بروهي ۽ سندس پٽ محمد علي بروهي سميت پوليس اھلڪار وڏو منشي نسيم گوپانگ، جان محمد بکراڻي ۽ اياز علي ڪنڀر چوٿين ڏينهن به ڌاڙيلن جي قيد مان بازياب نه ٿي سگھيا، ان حوالي سان ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ايس ايس پي شڪارپور سکر جي ھڪ چڱي مڙس کي گھرائي ڏوهارين ڏانهن راڄوڻي ڪوشش لاءِ موڪليو پر ڌاڙيلن ايس ايڇ او ۽ سندس پٽ سميت پنج ئي مغوي پوليس اھلڪارن کي بازياب ڪرڻ لاءِ ساڳيو ئي ڊمانڊ رکي ڇڏيو ته سندن سکر مان زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڌاڙيل مهر بڊاڻي جتوئي کي آزاد ڪيو وڃي جنهن بعد ذريعن مطابق ايس ايس پي شڪارپور کائن سرڪاري ھٿيار رڪور ڪرائڻ لاءِ ٻيهر راڄوڻي ڪئي پر ڌاڙيلن سرڪاري ھٿيار به واپس ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جنهن بعد ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي پڻ اعلان ڪيو ته مغوي اھلڪارن کي اغوا ڪندڙ گروهه سان ڪجهه پوليس عملدار ۽ علائقي جا چڱا مڙس پڻ ملوث آھن اهڙي اعلان بعد فيضو ٿاڻي جي ايس ايڇ او عالم ڪرسي کي سسپينڊ ڪري ڪراچي پوليس ھيڊ ڪوارٽر ۾ رپورٽ ڪيو ويو. جنهن بعد هو فيضو کان ڪار ۾ سوار ٿي وڃي رهيو هو ته کيس شڪارپور جي ئي حدن مان ڊرائيور سميت ڏوهارين سان وابسگتي جي الزام ۾ گرفتار ڪري گم ڪيو ويو. ٻئي طرف اطلاع مليا آھن ته سکر اسپتال مان گرفتار ڪيل زخمي ڌاڙيل محرم عرف مهر بڊاڻي جتوئي جي قمبر پوليس طرفان گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آھي جنهن ڪري پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ڳالهيون اٽڪي پيون آھن. آخري اطلاعن تائين مغوي پوليس جا ايس ايڇ او ۽ سندس پٽ سميت پنج ئي اهلڪار بازياب نه ٿي سگھيا نه وري گرفتار ڪيل ايس ايڇ او عالم ڪرسي ۽ سندس ڪار جي ڊرائيور جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي،ھوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور ڌاڙيلن آڏو بيوس بڻجي گذريل رات ديرتائين ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي ويهي رهيو هو. جتي پڻ سندس چوڻ ھو ته وضو ڪري نڪتا آھيون مغوي پوليس جي جوانن کي بازياب ڪرائي پوءِواپس ٿيندا سين.