اسلام آباد(م ڊ) پريڪٽس بل بحال ٿيڻ بعد نيب ترميم بابت فيصلي خلاف نظرثاني داخل ڪئي وئي آهي. قومي احتساب آرڊيننس (اين اي او) کي غيرقانوني قرار ڏيڻ واري 15 سيپٽمبر واري فيصلي کي چئلينج ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کان پوءِ، سپريم ڪورٽ ۾ فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ خانگي درخواست داخل ڪئي وئي هئي. رپورٽ موجب نظرثاني درخواست پيپلز پارٽي جي سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ عبدالجبار نالي هڪ شهري طرفان داخل ڪئي هئي، جيڪو نه ته ڌر هو ۽ نه ئي ان جو ڪنهن سياسي جماعت سان واسطو هو پر نيب ترميمي فيصلي سان سڌو سنئون متاثر ٿيو ڇو ته انهن خلاف نيب ريفرنس التوا ۾ آهي.. خميس ڏينهن اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ صحافين کي ٻڌايو ته نگران حڪومت 15 سيپٽمبر جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪندي، جيڪو اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جو آخري حڪم هو.