اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو لڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ جماالدين دشتي تي نامعلوم ڏھن ھٿياربندن جي ڪاھ ڪري گھر اندر داخل ٿي ڪھري ڪاروائي ڪندي جديد ھٿيارن سان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ گھر ڌڻي 50 ورھين جو قادربخش دشتي ۽ ان جي گھر واري مائي ھوتڻي دشتي گوليون لڳڻ سبب موقعي تي مارجي ويا مقتولن جا ٻه پٽ شاڪا دشتي ۽ محمد نواز دشتي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي تي پيا فائرنگ جو آواز ٻڌي ڳوٺاڻا سجاڳ ٿي پيا جن جوابي فائرنگ ڪئي جنھن بعد ھٿيار بند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا اطلاع تي کنڀڙا پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي علائقي جي ناڪابندي ڪري ڇڏي، مقتولن جا لاش ۽ زخمي نوجوانن کي کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايو جتي زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ رحيم يارخان اسپتال ريفر ڪيو ويو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ۽ پوليس جي ناڪابندي باوجود ھٿياربند گرفتار نه ٿي سگھيا ۽ واقعي جو ڪارڻ به معلوم ٿي سگيو ڳوٺ ۾ سوڳ واري ڪيفيت برقرار آھي