ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي سنڌي ٻولي جو مهاساگر قرار، ڊاڪٽر الانا بڻيائتو ڪم ڪيو:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۽ هند جي عالمن، اديبن ۽ ٻوليءَ ماهرن، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي کي سنڌي ٻوليءَ جا جينئنس، گهڻگهرا ۽ ٻوليءَ جا فدائي قرار  ڏيندي کين زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته ٻنھي عالمن جو سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد، صوتيات ۽ گرامر تي ٿيل تحقيقي ڪم هميشھ رهنمائي ڪندا رهندا. هنن اهڙو اظھار سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران منعقد ڪيل “ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي جون سنڌي ٻوليءَ لاء ڪيل خدمتون” جي عنوان هيٺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جي صدارت ڪندي ڊاڪٽر نور افروز خواجا چيو ته ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، سنڌي ٻولي، ادب ۽ لسانيات جا وڏا عالم ٿي گذريا آهن، ٻنھي جو پاڻ ۾ دوستي وارو تعلق رهيو، ٻوليءَ بابت ڪتابن تي هڪٻئي سان صلاح مشورا ڪندا رهندا هئا. هن چيو تھ ڊاڪٽر الانا پاڻ کي هميشہ سنڌي ٻولي جو فدائي سڏيندو ھو، ھن پنهنجي سڄي زندگي ٻولي جي بچاءُ ۽ بقا لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو تھ ڊاڪٽر الانا ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سنڌ ۽ هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ٻه جينيس عالم ئي نه پر ٻه ادارا هيا، جن جي ڪوششن ننڍي کنڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت ۽ مقام ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي ٻئي عالم دراصل سنڌي ٻوليءَ جا ٻه وڏا ادارا هيا، جن اڻ وسرندڙ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن چيو تھ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو هنن ٻنھي عالمن جا سنڌي ٻوليءَ بابت رهيل ڪتاب يا مقالا شايع ڪرائيندو ۽ گڏوگڏ انهن جي سنڌي ٻوليءَ بابت ڪيل تحقيقي ڪم تي ڪو شاگرد ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪندو ته ان جي به مدد ڪندو. اسان سنڌي ٻوليءَ جا محسن سيريز تحت نامور عالمن بابت سيمينارن جو سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته نون ۽ نوجوان اسڪالرن جي تحقيق ۽ نقطئه نظر کي سامهون آڻڻ لاءِ نئون نسل ليڪچر سيريز شروع ڪري رهيا آهيون، جيئن تحقيق ۽ ٻوليءَ بابت ٿيندڙ نون خيالن کي سامهون آڻي سگهجي. نامياري اديب تاج جويي چيو ته ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي اهو اڪيلو عالم آهي، جنھن جي تعليم، تدريس ۽ تحقيق جو دائرو صرف سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ لسانيات آهي، هن سنڌي لفظن جي بناوت /رچنا تي پي ايڇ ڊي ڪئي. هن چيو ته ڊاڪٽر مرليڌر شاھه لطيف جي رسالي جي اڀياس، سنڌي ٻوليءَ جي سرشتي، لکت، صوتيات، اشتقاقن، محاورن، پھاڪن ۽ لغت تي تاريخي ۽ مثالي ڪم ڪيو، هو هڪ ئي وقت سنڌي، هندي، سنسڪرت، مراٺي، گجراتي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين جي هڪجھڙي ڄاڻ رکندو هو. ناليواري ٻوليءَ ماهر ڊاڪٽر آفتاب ابڙي چيو ته ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سنڌي ٻوليءَ، لغت ۽ لوڪ ادب جو مھا ساگر ھو. کيس علم ڌاتو(etymology) تي عبور حاصل هو. ھن سنڌي پھاڪن تي انتھائي شاندار ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر مرليڌر هتان وڃڻ کانپوءِ به سنڌي ٻوليءَ سان پنھنجو عشق برقرار رکيو ۽ ان تي مسلسل ڪم ڪيو ھن جو  ھند ۽ سنڌ ۾ ڪو مٽ ناھي. ڊاڪٽر اسلم سنديلي چيو تہ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي انھن عالمن مان ھڪ ھو جن جو علمي ۽ ادبي ڪم تمام اوچو ۽ تحقيقي معيار تي مشتمل آهي، ڊاڪٽر مرليڌر ادب ۽ لسانيات، لغت ۽ سنڌ جي اتھاس تي بھترين ۽ جامع ڪم ڪيو. بمبئي مان پنھنجي آن لائن خطاب ۾ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي چيو تہ مون ڊسمبر1997ع يونيورسٽي آف بمبئي پاران سنڌي  لوڪ ادب جي موضوع تي عالمي سيمينار منعقد ڪرايو، جنھن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا آيو. مونکي پنھنجو پٽ ڪيو هئائين جنھن جو اظھار هو سنڌ ۾ بہ ڪندو هو، الانا صاحب تمام وڏو عالم ۽ شفيق انسان هو، جنھن هميشه رهنمائي ڪئي. پروفيسر ادريس جتوئي چيو ته ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي ٻوليءَ جي انھن عالمن مان هڪ آهي جن تسلسل سان زندگي جي آخري گهڙين تائين سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات تي تحقيق ڪري وڌ ۾ وڌ ڪتاب لکيا. هن چيو ته ڊاڪٽر الانا سنڌي ٻوليءَ جي تعليم، نصاب، درسي ڪتابن، سنڌي مادري زبان ۽ غير مادري زبان طور سکيا بابت نمايان ڪردار ادا ڪيو . ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي سيڪريٽري ڊاڪٽر احسان دانش آيل مھمانن جي آجيان ڪندي چيو تہ ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سنڌي ٻوليءَ جا محسن هئا. هنن جو سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد، گرامر، لغت، صوتيات توڙي محاورن، اصطلاحن، پھاڪن جهڙن پهلوئن تي نهايت بنيادي ۽ اهم ڪم ٿيل آهي. هو لسانيات جا ڄاتل سڃاتل ماهر ۽ استاد هئا. ٻنهي عالمن جو سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل ڪم بيمثال آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي استاد ڊاڪٽر شازيه پتافي چيو ته ڊاڪٽر غلام علي الانا جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي بھترين گرامر نويسن ۾ ٿئي ٿو، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪن ، خوبين ۽ خاصيتن کي نروار ڪيو آهي، سندس سنڌي وياڪرڻ ۽ صوتيات تي ٿيل تحقيقي ڪم هميشہ رهنمائي ڪندو رهندو. ٻوليءَ ماهر ڊاڪٽر الطاف جوکيي چيو  ته ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سنڌي ٻوليءَ خاص طور تي لسانيات جو اھڙو عالم ھو جنھن جي ڊاڪٽر الانا به پوئواري ڪندو ھو ھن اھڙن معاملن تي ڪم ڪيو آهي يا اھڙا اشارا ڏنا آهن ،جن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي نھايت گهڻي ضرورت آھي. دهلي مان پنھنجي آن لائن مقالي ۾  ڊاڪٽر روي پرڪاش چيو ته ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سنڌ ۽ ھند جي عالمن ۾ ھڪ اعلي مقام رکندو ھو، ڊاڪٽر مرليڌر ٻوليءَ جي مختلف رخن تي ڪم ڪيو آهي ، ھي خزانو ھميشه زنده رھندو، سندس ڪتاب سنڌي ساهت جو اتساھ` انڊيا ۾ گھڻو مشھور آھي. ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي چيو ته ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ڪيل تحقيقي ڪم تمام وڏو ۽ گھڻ رخو آھي جنھن جو خاص محور سنڌي ٻوليءَ آھي. هن چيو ته ڊاڪٽر الانا سنڌ جي انھن عالمن مان ھڪ ھو جنھن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت پنھنجو نظريو ڏنو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي غير آريائن ۽ سنڌو تھذيب جي ٻولي ڪوٺيو جيڪا سنسڪرت مان ڄاول نه آهي ۽ سنڌ جي قديم ٻولي آھي. انڊيا مان آن لائن مقالو پيش ڪندي ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي چيو تہ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو لھجو تمام سادو ھوندو ھو.ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي کي تمام گھڻي خوشي ٿيندي ھئي جڏھن ڪو نوجوان سنڌي ساهت ۾ شامل ٿيندو ھو ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي کي لسانيات جو علم ورثي ۾ مليل ھو ۽ کيس سنڌي گرامر جي بڻ بنياد ، پھاڪن وغيره جي مڪمل ڄاڻ ھئي. نوجوان محقق مرتضيٰ ناز چيو تہ ‘ سنڌي صوتيات تي الانا جو تحقيقي ڪم تمام وڏي حيثيت رکي ٿو، صوتيات تي اڳ ۾ ٿيل ڪم ۾ الانا سڌارا ۽ واڌارا ڪري وڏو مواد ميسر ڪيو آهي جيڪو ايندڙ وقت ۾ نون محققن جي رهنمائي ڪندو رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.