رئوف صديقي پاران سوشل ميڊيا تي مهم خلاف عدالت ۾ درخواست

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ رئوف صديقي پاران سوشل ميڊيا تي هلندڙن مهم جي خلاف درخواست  داخل ڪري ڇڏي آهي .درخواستگذار رئوف صديقي موقف اختيار ڪندي چيو ته 2017ع ۾ نيوي جي ڪيپٽن معيز هڪ پريس ڪانفرنس ڪري منهنجي مٿان ڪوڙالزام لڳايا هئا .مان هن جي خلاف هرجاڻي جي دعويٰ ڪئي هئي پر هو ڪڏهن به عدالت ۾ پيش نه ٿيو .رئوف صديقي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪيپٽن معيز جي فوت ٿيڻ کان پوءِ مان ڪڏهن هن ڪيس جي پيروي نه ڪئي .پر ڪجهه ڏينهن کان الخدمت پاران ساڳي پراڻي وڊيو هلائي پئي وڃي، ويڊيو الخدمت جي آفيشنلي ويب سائيٽ تان هئي

فقير ڪالوني ۾ سرچ آپريشن، 7 مبينه جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ضلعي ويسٽ پوليس گذريل رات مومن آباد جي علائقي فقير ڪالوني ۾ سرچ آپريشن دوران مفردور، غيرقانوني طور تي رهندڙ افغان باشندن سميت منشيات وڪري ۾ ملوث 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان 2 ڪلو کان وڌيڪ چرس، وڏي انگ ۾ گٽڪو، سوپاري ۽ روڪ رقم هٿ ڪري ورتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.