ڪراچي/جيڪب آباد ( رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته حماس جي مزاحمت واري تحريڪ سڄي دنيا ۾ آزادي لاءِ جاکوڙ ڪندڙ تنظيمن کي نئين زندگي بخشي ڇڏي آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي جيڪب آباد پاران رٿيل “ جهاد فلسطين مارچ” کي خطاب ڪندي ڪيو، فلسطين مارچ جماعت اسلامي جي مقامي دفتر کان پريس ڪلب تائين ڪيو ويو مارچ کي ضلعي امير حاجي ديدار علي لاشاري، نائب امير ڊاڪٽر عبدالرشيد وھاب ميمڻ، هدايت الله رند ۽ جي آءِ يوٿ جي عزيز احمد پيرزادي پڻ خطاب ڪيو. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سڀئي مسلمان ملڪ بزدلي جون زنجيرون ٽوڙي رهزن اسرائيلي ناجائز رياست خلاف جهاد جو اعلان ڪن.