خانپورمهر (رپورٽ: ميهرمهر) مهر گروپ سرواڻ ۽ جي ڊي اي جي اڳوڻي ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر جون پ پ سان قربتون وڌي ويون آهن ڪراچي ۾ اڳواڻي صوبائي وزير ناصر شاھ جي پٽ جي وليمي جي تقريب ۾ سردار علي گوهر خان مهر ۽ پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري هڪٻئي سان ڀاڪر پائي مليا ۽ خير عافيت معلوم ڪئي ان کان اڳ علي گوهر خان مهر جون پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر سان پڻ ملاقات جون تصويرون وائرل ٿي ويون اهڙين گڏجاڻين ۽ ملاقاتن بعد سوشل ميڊيا تي علي گوهر مهر جي پ پ ڏانهن واپسي بابت نئون بحث به اهم موضوع بڻيل آهي مختلف ماڻهو سردار علي گوهر خان مهر جي پ پ ۾ واپسي بابت پڻ اڳڪٿيون ڪري رهيا آهن ان کان اڳ علي گوهر خان مهر عرب امارات جي وزير شيخ النهيان سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ سندس دعوت ۾ شريڪ ٿيو جنهن بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سردار محمد بخش خان مھر پڻ شيخ النهيان جي دعوت تي پهتا ذريعن موجب پ پ ۽ علي گوهر خان مهر وچ ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ لاء شيخ النهيان پڻ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي چيو پيو وڃي ته معاملا طئه ٿيڻ بعد سردار علي گوهر خان مهر جلد پ پ ۾ شامل ٿي ويندو