حيدرآباد/بدين/راڄوخاناڻي(نمائندا) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار بدين ۾ اڄ نڪرندڙ عظيم الشان ريلي جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ تياري ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ (15) آڪٽوبر تي بدين شھر ۾ سنڌ جي زندگي ۽ موت جھڙن بنيادي مسئلن تي ريلي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. هنن چيو ته سنڌ ۾ غير قانوني غير ملڪين جي انساني ٻوڏ آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ٺٽي خيرپور ۽ سانگھڙ ضلعن جون قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون ختم ڪري دھشتگردن کي ڪراچي ۾ ھڪ قومي ۽ ٽي صوبائي اسيمبلي جون سيٽون وڌائي ڏيڻ جو مقصد ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري نئون صوبو ٺاھڻ جي منصوبا بندي ڪئي وئي آھي،هنن چيو ته لکين افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ لاءِ گهربل اپاءَ ورتا وڃن ۽ لکين غير ملڪين جا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪري ملوث آفيسرن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي. هوڏانهن ٻئي ڏينهن به عوامي رابطي مھم جي سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ،ڪامريڊ ھري رام ڪولھي، مير ماڻڪ منجي ڪمار ،دلدار نوحاڻي، کيرو پيٽل ء ٻين راڄوخاناڻي شهر اس پاس جي ڳوٺن چترو ڪولھي بخشو نظاماڻي ٽيڪم داس ڌرمون ڪولھي ۽ ٻين ننڍن وڻن ڳوٺن شهرن ۾ سياسي سماجي ادبي تنظيمن سول سوسائٽي شخصيتن کي دعوتون ڏنيون ۽ مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪيو