ن ليگ کي 21 آڪٽوبر تي گريٽر اقبال پارڪ ۾ جلسي جي اجازت ملي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ضلعي انتظاميا ن ليگ کي گريٽر اقبال پارڪ ۾ 21 آڪٽوبر تي جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ضلعي انتظاميا ن ليگ کي حلف نامي کانپوءِ جلسي جي اجازت ڏني آهي.
ضلعي انتظاميا گريٽر اقبال پارڪ ۾ جلسي لاءِ ن ليگ کي شرط ۽ ضابطا به ٻڌايا ۽ چيو آهي ته جلسي جي انتظاميا پارڪس اينڊ هارٽيڪلچر اٿارٽي کان الڳ اجازت وٺندي.
ن ليگ کان ورتل حلف نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به قسم جو نقصان پهچڻ تي پارڪس اينڊ هارٽيڪلچر اٿارٽي رقم وصول ڪندي.
ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته جلسي جي انتظاميا سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ بابت لاڳاپيل اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ رهندي، ٽريفڪ پوليس ٽريفڪ پلان ۽ ٽريفڪ ايڊوائزري جاري ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.