اسرائيل آپي مان نڪري ويو، غزا تي فضائي، سامونڊي ۽ زميني حملن جي تياري

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) فلسطيني علائقن تي قابض اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته غزا تي فضائي، سامونڊي ۽ زميني حملا ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ بيان ۾ اسرائيلي فوج طرفان چيو ويو آهي ته اهي غزا تي ٽنهي رستن سان حملن جي تياري ڪري رهيا آهن پر ان حوالي سان اڃا ڪو وقت سامهون ناهي آيو.
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو به ان حوالي سان پنهنجي فوجين کي اشارو ڏيندي چيو آهي ته جنگ جو ايندڙ مرحلو اچي رهيو آهي، جنهن ۾ اسرائيل طرفان غزا تي زميني حملي جو امڪان آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيل اتر غزا ۾ رهندڙ 1.1 ملين فلسطينين کي گهر ڇڏڻ جو الٽيميٽم ڏنو آهي پر فلسطينين جي وڏي انگ پنهنجو علائقو ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.