اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽرول ۽ ڊيزل تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرز جو منافعو وڌيڪ وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب 16 آڪٽوبر کان آئل مارڪيٽن ڪمپنين ۽ ڊيلرز جي منافعي ۾ 88 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز آهي.
پيٽروليم ڊويزن ذريعن موجب آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي منافعي ۾ 47 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز آهي، جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز منافعي ۾ في ليٽر 41 پئسا واڌ جي تجويز آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته او ايم سي ۽ ڊيلرز مارجن 16 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر تي به وڌايو ويو آهي.
ذريعن موجب ان وقت في ليٽر پيٽرول تي آئل مارڪيٽن ڪمپنيون 6 رپيا 94 پئسا منافعي وٺي رهيون آهن، في ليٽر پيٽرول تي ڊيلرز 7 رپيا 82 پئسا منافعو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته في ليٽر ڊيزل تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپني جو منافعو 7 رپيا 8 پئسا لاڳو آهي، هن وقت في ليٽر ڊيزل تي ڊيلرز مارجن 7 رپيا 82 پئسا وصول ڪيو پيو وڃي.
Next Post
You might also like