نئين تحقيق جي نتيجن مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته روزانو جي بنياد تي جيڪڏهن ٻه ڪوپ انگورن جو استعمال ڪيو وڃي ته ان سان زندگي ڊگھي ٿيڻ سوڌو صحت لاءِ ڪيترائي طبي فائدا حاصل ٿيندا آهن.
قدرت انسان کي گهڻين اهڙين غذائن سان نوازيو آهي جن جي استعمال سان پراڻن مرضن کان ڇوٽڪارو ۽ گڏيل صحت بهتر ٿيندي آهي، انهن غذائن ۾ انگور جو ميوو به شامل آهي.
غذائيت سان ڀرپور انگورن جا مختلف قسم سڄي دنيا ۾ مختلف رنگن جهڙوڪ سائي، ڳارهي، نيري، ڄمون ۽ ڪاري رنگ ۾ موجود هوندا آهن.
ان ميوي ۾ پوٽاشيم، ڪاربوهائڊريٽ، پروٽين، وٽامن اي، وٽامن سي، ڪيلشيم، آئرن، وٽامن بي 6، اينٽي آڪسيڊنٽ جزن جو ججهو مقدار ۽ ميگنيشيم هوندو آهي.
ويسٽرن نيو انگلينڊ يونيورسٽي ڪاليج آف فارميسي اينڊ هيلٿ سائنسز جي انتظام هيٺ ڪيل تحقيق جي نتيجن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته خوراڪ ۾ تقريبن ٻه پيالا انگورن جو استعمال جيري تي موجود سڻڀ کي گھٽائي انسان جي عمرکي وڌائي ڇڏي ٿو.
تحقيق جي مُک ڪردار، يونيورستي جي ڊين جان پيزوٽوموجب انگور جي استعمال جا فائدا ڄاڻڻ لاءِ ڪوئن کي سڻڀ سان ڀرپور خوراڪ کارائي وئي ۽ گڏوگڏ روز انگور ڏنا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ڪوئن جي جيري تي چرٻي گھٽجي وئي ۽ اهي ٻين ڪوئن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عرصو زندهه رهيا.
انگور ۾ موجود طاقتور اينٽي آڪسيڊنٽ ۾ ڪينسر سان وڙهڻ جون خاصيتون به هونديون آهن، جيڪي ڇاٿي جي ڪينسر سوڌو ڪينسر جي ٻين قسمن کان محفوظ رکڻ ۾ مدد ڪنديون آهن، پولي فينولز جهڙوڪ ريسوريٽرول ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ جي خاصيتن کانسواءِ سوڄ ۽ ساڙي جي خلاف اينٽي انفلامينٽري خاصيتون به هونديون آهن.
انگور اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور هجڻ سبب دل جي مرضن جي خطري کي گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.