وقت تيزي سان گذرندي ڇو محسوس ٿيندو آهي؟

اهو چيو ويندو آهي ته وقت گھڻي تيزي سان گذري رهيو آهي يا وقت کي پر لڳي ويا آهن.
جيتوڻيڪ سائنسدان اڃا تائين ان جو درست جواب ناهن ڄاڻي سگھيا ته ماڻهن کي وقت تيزي سان گذرڻ جو احساس ڇو ٿيندو آهي، پر هڪ تحقيق ۾ ان حوالي سان امڪاني جواب ڏنو ويو آهي.
آمريڪا جي مشيگن يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جيئن جيئن اسان جي عمر وڌندي آهي، تيئن تيئن اسان کي وقت تيزي سان گذرڻ جو احساس ٿيڻ لڳندو آهي.
تحقيق موجب عمر وڌڻ سان اسان جي زندگي معمولن جي چوڌاري گھمڻ لڳندي آهي ۽ اهڙا واقعا تمام گھٽ ٿيندا جيڪي ڊرامائي اثر وجهن.
محققن ٻڌايو ته انسان وقت کي يادگار واقعن سان جاچيندا آهن ۽ عمر وڌڻ سان گڏ يادگار واقعن جو انگ گھٽجڻ لڳندو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو گھڻا ماڻهو هزارين ڀيرا ڪيل ڪم جي ڀيٽ ۾ رڳو هڪ ڀيرو ڪيل ڪم کي وڌيڪ ياد رکندا آهن.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته ننڍپڻ م اسان هر وقت ڪجهه نه ڪجهه نئون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ ان نتيجي ۾ وقت سستي سان گذرڻ جو احساس ٿيندو آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ وچولي عمر نئين شيءِ ڪرڻ جو رجحان تمام گھٽ هوندو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ائين لڳندو آهي ته وقت گھڻي تيزي سان گذري رهيو آهي.
محققن موجب اسان جا دماغ ملندڙ جلندڙ ڏينهن ۽ هفتن کي گڏائي ڇڏيندو آهي ۽ ان جي ڪري ائين لڳندو آهي ته ڏينهن، هفتا يا مهينا گھڻي تيزي سان گذري رهيا آهن.
هنن چيو ته عمر وڌڻ سان گڏ زندگي جي تجربن جي حوالي ان اسان جو تصور تبديل ٿي ويندو آهي ڇو جو دماغ کي نئين تصويرن جي تجزيي لاءِ وڌيڪ وقت گھربل هوندو آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ ننڍپڻ ۾ اسان جو دماغ نون تفصيلن جو تجزيو تيز رفتاري سان ڪندو آهي جنهن جي ڪري ائين لڳندو آهي ته ڏينهن يا هفتا ڊگھا آهن.
محققن جو چوڻ هو ته اعصاب ۽ نيورونز ۾ وقت سان گڏ ايندڙ تبديليون وقت گذرڻ جي احساس ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن.
هنن ٻڌايو ته عمر وڌڻ سان گڏ اسان جو جسماني نظام جيئن جو تيئن ڪمزوري جو شڪار ٿيندو آهي ۽ برقي سگنلز جي خلاف وڌيڪ مزاحمت ڪرڻ لڳندو آهي.
پر محققن تسليم ڪيو ته اهو في الحال اسان جو خيال آهي ۽ ان بابت وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
ان کان اڳ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته جڏهن اوهان گھڻا خوش هجو ۽ ڪنهن پسند جي سرگرمي جو حصو بڻجي وڃو ته ائين محسوس ٿئي ته وقت تيزي سان گذري رهيو آهي پر جڏهن بيزار يا اداس هجو ته وقت جو ڪانٽو ڏکيو ٿي ويندو آهي.
ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته اسان جو دماغ وقت گذرڻ جي احساس کي مختلف رفتار سان پيش ڪندو آهي ۽ ان جو دارومدار اسان جي مصروفيت يا بيزاري تي هوندو آهي.
مثال طور جڏهن اوهان ڪو اهڙو ڪم ڪري رهيا هجو جيڪو مخصوص وقت ۾ ڪرڻو هجي يا ڪنهن پيچيدا مقصد کي حاصل ڪرڻ چاهيندا هجو ته وقت تيزي سان گذرندي محسوس ٿيندو آهي.
اهڙيءَ طرح گيم کيڏندي، ڪنهن سٺي فلم کي ڏسندي يا ڪتاب جو مطالعو ڪندي به وقت کي پَر لڳي ويندا آهن.
ان دوران دماغ مخلتف منظرنامن کي ڏسندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ لڳندو آهي ته ڄڻ وقت کي پَر لڳي ويا آهن ۽ ان جي ابتڙ جڏهن اوهان بيزار ٿيندا آهيو ته دماغ لاءِ وقت جي رفتار سست ٿي ويندي آهي.
محققن موجب دماغ ۾ وقت جي حوالي سان مختلف ميڪنزم هوندا آهن، جن مان هڪ ميڪنزم رفتار جو آهي جيڪو دماغي خلين کي سرگرم ڪري ڪنهن سرگرمي لاءِ نيٽورڪ جوڙيندو آهي.
اهي خليا جيتري تيزي سان پنهنجو رستو بڻائيندا آهن، اوترو ئي وقت تيزي سان گذرندي محسوس ٿيندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.