ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، راڪيٽ فائر، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ گبلو پوليس ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ محمد صلاح سندراڻي وٽ سندراڻي ۽ ساوند برادري جي ٻنھي ڌرين ۾ ھڪ دفعو ٻيھر جھيڙو ڀڙڪي اٿيو ٻنھي ڌرين  جي ھڪ ٻئي  مٿان راڪيٽ لانچرن  سميت جديد ھٿيارن سان حملو ڪيو ويو ۽ فائرنگ دوران گوليون لڳڻ ڪري عبد الرزاق سندراڻي قتل ۽ لعلو سندراڻي سميت ٻن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آھن جڏھن ته علائقي ۾ جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ وقفي وقفي سان ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو پڻ جاري آھي، فائرنگ سبب علائقو نوگو ايريا بڻجي ويو ۽ آس پاس جي علائقي جا ڳوٺاڻا گهرن تائين محدود ٿي ويا، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي پوليس واقعي واري هنڌ ڏانهن پهچي سگهي، ساوند-سندراڻي تڪرار ۾ هيل تائين 20 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.