اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) مسلم ليگ جي سربراهه مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر ۽ عائشه سيف ۾ طلاق بابت عائشه سيف ٽوئيٽ ڪيو آهي ته زندگي ۾ دولت ۽ آسائشون اهم هونديون آهن پر ان کان وڌيڪ پيار ۽ سڪون اهم هوندو آهي.
هن چيو ته مونکي شادي کانپوءِ سڪون ۽ پيار نه مليو، جڏهن ته زال ۽ مڙس کي جيڪا اڪيلائي گهرجي اها به نه ملي، ڇوته مريم نواز اسان جي اڪيلائي ۾ رڪاوٽ هئي، ان ڪري طلاق ٿيڻ تياخوش آهيان.
صحافي عمران وسيم موجب ٽوئيٽ مان ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ عائشه سيف قيد مان آزاد ٿي هجي، ان ڪري طلاق تي ندامت يا مايوسي بدران خوشي جو اظهار ڪري رهي آهي
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 14 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي