اتر ڪوريا پاران فلسطين جي حمايت، اسرائيل رتو ڇاڻ جو ذميوار

پيونگ يانگ (م ڊ) اتر ڪوريا فلسطين جي حمايت  جو اعلان ڪندي غزا ۾ رتوڇاڻ جو ذميوار اسرائيل کي قرار ڏئي ڇڏيو. اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان هڪ انٽرويو ۾ چيو ته غزا ۾ ٿيندڙ ويڙهه اسرائيل طرفان فلسطينين سان مسلسل زيادتين جو سبب آهي، غزا ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ جو ذميوار اسرائيل آهي. هن چيو ته اهو عربن يا مسلمانن جو نه پر آزادي جو مسئلو آهي، اسرائيل جنگي قانونن کي نظرانداز ڪري غزا تي مسلسل بمباري ڪري رهيو آهي.

آءِ جي سنڌ ڪينسر ۾ مبتلا نوجوان جي خواهش پوري aڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر ) آءِ جي سنڌ ڪينسر ۾ مبتلا نوجوان جي خواهش پوري ڪري ڇڏي، آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا اعزازي ايس پي حسن عباسي سان سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي ۽ ملاقات جي خواهش پوري ڪئي، حسن عباسي 12 سالن جي ڄمار ۾ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا رهندڙ سندس والد گرامي محمد حنيف ۽ سندس چاچا ساڻس گڏ هئا، ملاقات دوران آءِ جي سنڌ حسن عباسي جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ کيس سنڌ پوليس جي طرفان يادگاري شيلڊ سان گڏ ان ايوارڊ پڻ ڏنو ۽ پنهنجي ۽ سڄي سنڌ پوليس جي طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.