ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: اويس حيدر شورو) سنڌ ترقي پسند پارٽي ، آبادگارن طرفان گڏيل طور سارين جي اگهن ۾ رائيس ملن جي ڪيل لاٿ، ڪٽوتي خلاف احتجاجي پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ آبادگارن طرفان گڏيل طور ٽنڊو محمد خان ايس ٽي پي هائوس اسٽيشن روڊ کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينرز کڻي سارين جي اگهن ۾ ڪيل لاٿ ڪٽوتي خلاف ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري، شاهنواز سيال ، ضلعي صدر اقبال حاجاڻو ، سارنگ شاھ ، انيس صبحپوٽو ، جمن سمون ، آبادگار اڳواڻ هارون ڪاتيار ، امجد ٽنگڙي ، بابو شاھ ڀاڏائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري حيدرآباد روڊ تان گذري ٽنڊو محمد خان جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو 3 ڪلاڪ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ زراعت کي سازش تحت تباھ ڪيو وڃي پيو، سارين جي اگهن ۾ نگران سرڪار جي لاپرواهي جي ڪري رائيس ملز جي مالڪن پنهنجا هٿ ٺوڪيا مرضي سان اگھه مقرر ڪري سنڌ جي آبادگارن کي سارين جي فصلن ۾ لکين رپين جو نقصان ڏئي رهيا آهن سرڪاري اگھه ۾ لاٿ اچڻ کانپوءِ واپاري سرعام سارين جي طور ۾ ڪٽوتي ڪري 3000 ۽ 3200 رپيه في مڻ خريداري ڪري آبادگارن ۽ هارين کي مالي طور نقصان رسائي رهيا آهن، ان ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ويو، سارين جي اگهن ۾ ڪيل لاٿ سان ايندڙ سال سارين جي پوکائي متاثر ٿيڻ جي ڪري سنڌ ۽ پاڪستان جي اندر چانورن جون جنسون اڻ لڀ ٿي زرعي ڏڪار جو خدشو آهي جنهن جي ڪري فوري طور سارين جو اگھ 5000 روپيه في مڻ مقرر ڪيو وڃي.