مڪاني ادارن ۾ ٽرانزٽ آفيسرن جي مقرري بابت سنڌ سرڪار کي جواب لاءِ مهلت 

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي وقتي چيف  جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس ذوالفقار خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمن ۽ منتخب نمائندن جي مڪاني ادارن ۾ ٽرانزٽ آفيسرن جي مقرري جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ سنڌ حڪومت جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي، عدالت سنڌحڪومت کي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عذير بلوچ خلاف ڪيس، دهشتگردي ٽوڙ عدالت کي 3 مهينن ۾ ڪيس اڪلائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ لياري گينگ وار جي عذير بلوچ جي مختلف ڪيسن ۾ وڌيڪ شاهدن پيش ڪرڻ جي اجازت نه  ڏيڻ ۽ ٽرائل عدالت جي سائيڊڪلوزڪرڻ جي پراسيڪويشن جي درخواست فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت پراسيڪيويشن جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون،جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ دهشتگردي ٽوڙعدالت کي 3مهينن ۾ ڪيس اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پراسڪيويشن جي ڪري ٽرائل ۾ دير جي ڪري جوابدار کي پريشان نه ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.