ڪراچي (رپورٽر) سنڌ پوليس جي ليڊي ڪانسٽيبل جي اسرائيل جي حق ۾ مبينا ٽڪ ٽاڪ وڊيو وائرل ٿي وئي.رپورٽ موجب تڪراري ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ واري ليڊي ڪانسٽيبل جو رڪارڊ سامهون اچي ويو آهي، جڏهن ته آءِ جي سنڌ جي حڪم کانپوءِ اسپيشل يونٽن به جاچ شروع ڪري ڇڏي، پوليس رپورٽ موجب مبينا تڪراري ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ واري ليڊي ڪانسٽيبل جو نالو سمبل آهي، سندس سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان اسرائيل جي حق ۾ پوسٽ وائرل ٿي هئي ليڊي ڪانسٽيبل جي سڃاڻپ غوري اينجل ۽ نالو غوري پوليس آهي، اعليٰ پوليس عملدارن جي نوٽيس بعد سموريون وڊيوز ڊليٽ ڪيون ويون.
پٽ جي علاج لاءِ 92 هزار رپين جو چيڪ پوليس اهلڪار حوالي
ڪراچي (رپورٽر ) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند پوليس ڪانسٽيبل محمد علي کي پٽ جي علاج لاءِ 92 هزار رپين جو چيڪ ڏنو، ڪراچي پوليس چيف پوليس ڪانسٽيبل محمد علي پاران سوشل ميڊيا تي سندس پٽ محيب جي علاج بابت اعليٰ اختيارين کان مدد جي اپيل جو فوري نوٽيس وٺندي کيس طبي ۽ مالي مدد ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، ڪانسٽيبل محمد علي جيڪو عزيز ڀٽي ٿاڻي تي مقرر ٿيل آهي ۽ سندس پٽ محيب اسپتال اين آءِ سي يو کوکرا پار ۾ علاج هيٺ آهن، پوليس چيف پنهنجي آفيس ۾ موجود ڪانسٽيبل کي سندس پٽ جي علاج لاءِ 92 هزار رپين جو چيڪ ڏنو ۽ ٻار جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي پوليس ڪانسٽيبل پاران مالي مدد ٿيڻ تي ايڊيشنل آء جي ڪراچي جو شڪريو ادا ڪيو ۽ خوشي جو اظھار ڪيو .
مشرف جي مسلم ليگ جي رجسٽريشن ختم، چونڊ نشان به واپس
اسلام آباد (م ڊ) مرحوم پرويز مشرف جي آل پاڪستان مسلم ليگ جي رجسٽريشن ختم ڪئي وئي آهي، چونڊ نشان به واپس ورتو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن پاڪستان اي پي ايم ايل جي رجسٽريشن ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ چونڊ نشان به واپس ورتو آهي، اليڪشن ڪميشن آل پاڪستان مسلم ليگ انٽرا پارٽي اليڪشن تڪرار تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ان فيصلي تي پهتي آهي ته آل پاڪستان مسلم ليگ جو ڪو به عهديدار ناهي ۽ هاڻ پارٽي جو ڪو به وجود ناهي، فيصلي جي متن موجب اي پي ايم ايل 4 سالن کان پارٽي اثاثن جا تفصيل به جمع نه ڪرائي سگهي، ان کي ڊي لسٽ ڪيو وڃي ٿو.