گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

گهوٽڪي(ت ر)گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ لولائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو موقعي تي ئي مارجي  ويو، مقتول جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، ڪچو  ٻنڊي ون ٿاڻي جي حد ڳوٺ نظير عارباڻي ۾ لولائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو 42 سالن جو حاڪم علي لولائي قتل ٿي ويو، اهڙي واقعي بعد مقتول جي وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ گهوٽڪي جي ٽول پلازه وٽ نيشل هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سب پنجاب ۽ سنڌ طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ذريعن موجب ته جهيڙو موسو لولائي ۽ امداد لولائي جي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.