مسلمان حڪمران خاموشي جي زنجير ٽوڙي ميدان ۾ اچن:راشد محمود

ملير (ڊ ر) جمعيت علماءِ اسلام ضلع ملير ڪراچي پاران دائود چورنگي لانڍي تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي حڪم تي يوم طوفان اقصيٰ مظاهري کي جمعيت علماءِ اسلام (ف) سنڌ صوبي جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو، ضلعي امير مولانا احسان الله ٽڪروي، جنرل سيڪريٽري مولانا سيد اجمل شاهه شيرازي، مولانا قاضي منيب الرحمان، مولانا انوارالله فاروقي، مولانا محمد طارق شامزئي، قاري حمدالله حقاني، مولانا مختار احمد، مولانا بحر الله قريشي ۽ ٻين عهديدارن خطاب ڪيو، جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته مسلمان حڪمران خاموشي جي زنجير ٽوڙي ميدان ۾ اچن، انساني حقن جا علمبردار ڇو خاموش آهن اهي غزه ۾ اسرائيل جي ظلم ۽ قتل عام کي هاڻي ڇو نٿا ڏسي سگهن انساني حقن جي دعويدارن پنهنجا هٿ بيگناهه مسلمانن جي رت سان رڱيا آهن، هن چيو ته فلسطيني پنهنجي سرزمين، پنهنجي ملڪ ۽ مسجد اقصيٰ سان گڏوگڏ پنهنجي مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جي عزت لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهن. فلسطين  مٿان جاري ظلمن کي فوري طور بند ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.