ڪوٽڙي: سنڌ مان غيرقانوني افغانين جي نيڪالي لاءِ ٻولهاڙي اتحاد جي ريلي

ڪوٽڙي (ن ع آ) ڄامشورو سميت سموري سنڌ مان افغاني پٺاڻن سميت سمورن غير قانوني پناھگيرن کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ ٻولھاڙي اتحاد جي سڏ تي سول سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي  اڳواڻن پاران سيشن ڪورٽ کان ريلي ڪڍي ايس ايس پي ڄامشورو جي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويو ، ان دوارن اڳواڻن يوسف سارنگ، اعجاز سومرو، يونس اوٺو، قادر آزاد سنڌي، حڪيم کونھارو ۽ ٻين چيو ته ڪوٽڙي ۾ رھندڙ سوين افغانين خلاف ضلعي پوليس توڙي انتظاميا مڪمل طور تي خاموش آھي، ڪراچي ۾ آپريشن ٿيڻ بعد روز سوين افغاني سائيٽ ڪوٽڙي جي افغان بستي ۾ لڏپلاڻ ڪري اچن ٿا افغاني نڪرڻ بدران وڌي رهيا آهن، سمورن غير قانوني پرڏيھين کي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.