جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو ) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد جيڪب آباد باءِ پاس تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل سوارن جو ڪار تي انڌاڌنڌ فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، 2 زخمي ٿي پيا، جيڪب آباد بائي پاس تي مولاداد ٿاڻي جي حد پراڻي رينجرز چوڪي ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان 5 نمبر پوليس پڪٽ ويجهو ڪوئيٽا کان ايندڙ ڪار تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ معرفاڻي برادري جي چڱي مڙس حبيب الله معرفاڻي ۽ گدا حسين معرفاڻي گولو ڌڙو تعلقي ڳڙھي ياسين شڪارپور جي رھواسين طور ٿي، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنھي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪرايا جتان ضروري قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ايس ايڇ او مولاداد عبدالمجيد ناريجو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته لڳي ٿو ته ھي واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو آهي، في الحال ڪجهه ٻڌائي نٿا سگهون، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.