پناهگيرن جي سخت نگراني جو فيصلو، ٿاڻن مان اهلڪار اغوا ٿين ته ڇا بچيو:جسٽس (ر) مقبول باقر

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر امن ۽ امان اجلاس جي صدارت ڪندي سمورن پوليس اهلڪارن لاءِ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جي ميڊيڪل انشورنس پاليسي جي منظوري ڏني ۽  سمورن پوليس ٿاڻن جي خوبصورتي ۽ مرمت جي هدايت پڻ ڪئي. هن اهڙو فيصلو 6 آڪٽوبر 2023ع تي وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ خصوصي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد بابت اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ گهرو وزير برگيڊيئر حارث نواز، وزير قانون عمر سومرو، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي پوليس رفعت مختار، سيڪريٽري ناڻو ڪاظم جتوئي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم رند، ڊي آءِ جيز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.   گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ وڏي وزير کي اسپيشل ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي صورتحال کان آگاهه ڪندي چيو ته غيرقانوني پناهگيرن جي واپسي واري منصوبي تي گهرو وزارت جي پاليسي موجب صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي عملدرآمد ڪميٽين کي ٻڌايو ويو آهي. 12 آڪٽوبر 2023 تي ٿيندڙ صوبائي عملدرآمد ڪميٽي جي پهرئين اجلاس ۾ ڪيل فيصلن موجب اسپيشل برانچ (SB) کي پناهگيرن جي واپسي واري منصوبي تي عملدرآمد لاءِ ليڊ ايجنسي مقرر ڪيو ويو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن (LEA) جي مدد سان ڪاروباري علائقن سميت مقامي سطح تي پناهگيرن جي نشاندهي ڪئي ويندي. اسپيشل برانچ موثر زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي غير قانوني پناهگيرن جو پتو لڳائيندي ۽ جن علائقن جي نشاندهي ٿي ويندي انهن کي مارڪ ڪيو ويندو. ڊويزنل ۽ ضلعي عملدرآمد ڪميٽيون غير قانوني پناهگيرن بابت ڊيٽا گڏ ڪندي ان کي گهرو کاتي سان شيئر ڪنديون. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا (LEAs) نشاندهي ڪيل علائقن جو جائزو وٺندا ۽ ضرورت پوڻ تي ڪومبنگ آپريشن جو فيصلو ڪندا. چيف سيڪريٽري چيو ته وفاقي حڪومت اڳ ۾ ئي نادرا ۽ ميسرز سيفرون (M/o SAFRON) کي هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني مهاجرن جي تصديق واري آپريشن دوران ايل اي ايز جي مدد ڪن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ 2023ع جي مردم شماري ۾ رڪارڊ ٿيل غير پاڪستانين جي ڊيٽا مردم شماري ڪمشنر کان حاصل ڪئي ويندي ته جيئن قانوني ۽ غير قانوني مهاجرن جي ميپنگ ڪئي وڃي.POR ۽ ACC هولڊرز کي پاڻ کي ويجهي پوليس ٿاڻن تي رجسٽر ڪرڻ گهرجي ۽ ائين نه ڪرڻ تي غير قانوني مهاجرن تصور ڪيو ويندو. وڏي وزير پراسيڪيوٽر جنرل کي هدايت ڪئي ته عدالتن ۾ التوا هيٺ غيرقانوني پناهگيرن جا سمورا ڪيس جلد اڪلايا وڃن.  انسپيڪٽر جنرل پوليس رفعت مختار وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صوبي ۾ 621 پوليس ٿاڻا آهن جن مان 66 سٺي حالت ۾، 315 نارمل ۽ 240 خراب حالت ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 621 پوليس ٿاڻن مان 272 پوليس جي زمين تي آهن، 3 ڪرائي تي آهن جڏهن ته 346 سنڌ حڪومت جي ملڪيت تي قائم آهن. وڏي وزير چيو ته هن ڪيترن ئي پوليس ٿاڻن جو دورو ڪيو آهي پر انهن سڀني جي حالت ڳڻتي جوڳي ۽ غير تسلي بخش آهي. وڏي وزير آءِ جي کي هدايت ڪئي ته سمورن پوليس ٿاڻن جي عمارتن جي مرمت ڪرائي وڃي ۽ ان لاءِ فنڊ فراهم ڪيا وڃن پر پوليس ٿاڻن کي فينسي انداز ۾ تعمير نه ڪيو ويندو. جسٽس باقر چيو ته پوليس ٿاڻن کي مضبوط ڀتيون، واچ ٽاور ۽ ريسيپشن ٺاهيا وڃن، سمورن ٿاڻن جو تعميراتي معيار هڪ جهڙو هجڻ گهرجي. خادم رند چيو ته ڪچي آبادين ۾ بار بار ڪومبنگ آپريشن ڪرڻ سان گڏ اسنيپ چيڪنگ جو مدو وڌايو ويو آهي. سٽي پوليس به جوابدارن ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. هڪ ٿاڻي مان ايس ايڇ او سميت 5 پوليس اهلڪارن جي اغوا وارو واقعو حڪومت جي بي عزتي ۽ پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي.  هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن پوليس ٿاڻا ئي محفوظ ناهن ته عوام جي حفاظت ڪيئن ٿيندي. جسٽس باقر ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي تنبيهه ڪئي ته پوليس اهلڪارن کي بازياب ڪرائي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ هن واقعي جي مڪمل جاچ جو حڪم پڻ ڏنو. چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم چيو ته هن وزارت صنعت ۽ پيداوار کي موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن ۾ ٽريڪرز لڳائڻ جي سنڌ حڪومت جي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزارت صنعت ۽ واپار گاڏين جي ڪمپنين لاءِ موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن ۾ ان بلٽ ٽريڪرز کي شامل ڪرڻ کي لازمي بڻائيندي. ته جيڪڏهن ٿاڻن مان ايس ايڇ اوز سميت اهلڪار ڌاڙيل کڻي وڃن ته باقي ڇا بچيو، اسان جي ٿاڻن جي حالت ڪمزور نظر اچي رهي آهي، ايس ايڇ اوز کي آزاد ڪرائي مون کي رپورٽ پيش ڪيو، ايس ايڇ اوز جي اغوا سان حڪومت جي بدنامي ٿي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.