نواز شريف معاهدي تحت واپس اچي رهيو آهي: راجا پرويز اشرف

اسلام آباد ( م ڊ ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو آهي ته مسلم ليگ ن جو قائد  نواز شريف سمجهوتي تحت ڏيهه واپس اچي رهيو آهي، خانگي ٽي وي سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته نوازشريف هڪ معاهدي تحت واپس اچي رهيو آهي، ظاهر آهي ڪا انڊر اسٽينڊنگ ٿي هوندي ۽ پوءِ هو واپس اچي رهيو آهي.هن چيو ته جيڪڏهن نواز شريف کي واپس اچڻو هو ته پوءِ اڳ ڇو نه آيو؟ هاڻ نواز شريف جي صحت به ٺيڪ هجڻ گهرجي، ان سوال تي ته چونڊون ڪڏهن ٿينديون، راجا پرويز اشرف چيو ته اوهان ٻڌايو ته چونڊون ٿي رهيون آهن يا نه؟ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پيپلز پارٽي ليول پلينگ فيلڊ جي ڳالهه ڪري رهي آهي، ان ۾ ڪا ميرٽ آهي.هن چيو ته پ پ جو موڊ تمام ٿڌو ۽ بهتر آهي، وفاقي ۽ پنجاب ڪابينا ۾ مسلم ليگ ن جا ماڻهو آهن، اڄ به ن ليگ جا سمورا ڪم ٿي رهيا آهن، مٿس ڪوڙا ڪيس هلي رهيا آهن. اسان جي خلاف نيب ٺاهي وئي آهي، منهنجي خلاف نيب ڪيسن ۾ نيب وٽ ڪو ثبوت ناهي، ڪيس کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.