ملڪ رياض جو گهيرو، مليرجي زمينن تي قبضي ڪيس ۾ عدالت طلب

لاهور ( عوامي آواز نيوز )  بحريا ٽائون جي سنڌ ۾ والار۽ 460  ارب  رپيا ڏنڊ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ  ايندڙ هفتي سماعت مقرر ڪئي آهي۽ ملڪ رياض سميت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

 نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي مليز ضلعي۾ ملڪ رياض  ان وقت جي سرڪار سان ملي ڀڳت ڪري زمينن تي قبضاڪيا، ۽ قديمي ڳوٺ ڊاهي پٽ ڪيا هئا، جنهن جو اعليٰ عدالت نوٽيس ورتو هو۽ ملڪ رياض تي 460  ارب رپيا ڏنڊ وڌو هو ۽ اها رقم سنڌ حڪومت کي قسطن ۾ 7 سالن اندر ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.

پر اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي دور ۾ ان ڪيس جي ڪابه ٻڌڻي نه ٿي هئي ۽ نه ئي جاڇ پڙتال ڪئي وئي ته اها رقم جمع ٿي رهي آهي يا نه ٿي رهي آهي يا اها ڪنهن جي اڪائونٽ ۾ وڃي رهي آهي.

سنڌ حڪومت کي ڏنڊ جي رقم ملي آهي يا نه ملي آهي اهو سمورو معاملو عمر عطا بنديال جي دور ۾ دٻيل هو، ان کان اڳ عمران خان جي دور ۾ برطانيا جي ڪرائيم  ايجنسي ملڪ رياض جي ناجائز رقم 190 پائونڊ پڪڙي  پاڪستان حڪومت کي ڏني.

پر عمران خان اها رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ بدران ملڪ رياض جي ڏنڊ واري رقم ۾ جمع ڪرائي ان عيوض ملڪ رياض کان  القادر ٽرسٽ لاءِ زمين ورتي ۽ بشريٰ بي بي سونيون منڊيون ۽ هار تحفي جي نالي  وصول ڪيا، اهو ڪيس نيب الڳ تيار ڪيو آهي  جنهن ۾ به ملڪ رياض گهربل آهي، جڏهن ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صرف ڪراچي  جي ملير ضلعي ۾ بحريا ٽائون جي قبضن،۽ ان جي عيوض اعليِٰ عدالتن طرفان ملڪ رياض تي 460 ارب رپيا ڏنڊ وجهڻ  واري معاملي جو جائزو وٺڻ لاءِ 18 آڪٽوبر تي سماعت مقرر ڪئي آهي.

 نامياري صحافي موجب هاڻي جيئڻ پوءِ تيئن  ملڪ رياض جو گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي، روايت موجب هو هاڻي  اسٽيبلشمينٽ کانپوءِ پنهنجي ڪارندن ذريعي مدد وٺڻ  جي ڪوشش ڪندو پر سندس بچڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي، ڇوته پنڊي ۽ مري وارن بحرياٽائون منصوبن جو معاملوبه بحث هيٺ اچي سگهي ٿو، جيڪي اڃان تائين ريگيولر نه ٿيا آهن ، اهي بظاهر غير قانوني منصوبا آهن ، چيف جسٽس ڇاڪاڻ ته  آئين ۽ قانون تي  سختي سان عمل ڪرڻ وارو آهي.

ان ڪري ملڪ رياض کي هن ڀيري عدالت يا اسٽيبلشمينٽ مان رليف ملڻ مشڪل نظراچي رهيو آهي ،ڪيس جي سماعت ڪندڙ بئنچ جو سربراهه چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هوندو، جڏهن ته جسٽس امين الدين ۽ جسٽس اطهر من الله بئنچ ۾ شامل هوندا

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 14 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.