پيٽرول 30 ۽ ڊيزل 20 رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ ) عالمي ۽ گلف مارڪيٽن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ پاڪستان ۾ به اگهن ۾ وڏي گهٽائي جو امڪان آهي . عالمي سطح تي اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ مقامي سطح تي پيٽرول جو اگهه 30 رپيا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل 20 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جو اگهه 12 ڊالر گهٽيو آهي، جنهن بعد پيٽرول جي قيمت 84 ڊالر في بيرل جي سطح تي پهچي وئي آهي.گلف مارڪيٽن ۾ هڪ مهيني دوران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 11 ڊالر في بيرل جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽروليم شين جا اگهه 88 ڊالر في بيرل تي اچي ويا آهن.ڪچي تيل جي اگهه ۾ هڪ مهيني دوران 5 هزار رپيا في بيرل لاٿ ٿي، ڪچي تيل جي قيمت في بيرل 29 هزار رپين مان گهٽجي 24 هزار رپيا ٿي وئي آهي.پيٽروليم شين جي اگهن جي حوالي سان اوگرا ناڻي واري وزارت کي لکندي ۽ ناڻي واري وزارت حتمي سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪندي. پيٽروليم شين جي اگهن جي حوالي سان حتمي فيصلو وزيراعظم 15 آڪٽوبر تي ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.