ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر) : سنڌ جي نگران وڏي وزير رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر سنڌ جي 18ضلعن ۾ڪرپشن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، ڪرپشن ۾ ملوث ادارن خلاف جاچ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪيس نيب ڏانهن اماڻيا ويندا، ڪرپشن جي جاچ متعلق نگران وڏي وزير پنهنجي ٽيم کي هڪ مهيني يعني آڪٽوبر 2023 کان پهرين نومبر2023 تائين جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. خبر موجب گذريل سنڌ حڪومت ۾ مختلف کاتن جنهن ۾سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽِي،ڪي ڊيِ اي،مختيارڪارن،سب رجسٽرارن،پوليس ٿاڻا،ضلعي اسپتالن،لوڪل گورنمنٽ توڙي صوبائي هائي ويز جي روڊن ۽ ٻيلي کاتي ۾ ٿيل ڪرپشن جي شڪايتون وصول ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي نگران وڏي وزير رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر سي ايم انسپيڪشن، انڪوائريز ۽ عملدرآمد کاتي کي هڪ خط لکي ملوث ادارن خلاف ڪرپشن جي جاچ مڪمل ڪرڻ بعد رپورٽ تحت ڪيس نيب ڏانهن اماڻيا ويندا. گذريل حڪومتي دور ۾ ڪٿي ڪهڙي اداري ۾ ڪيتري ڪرپشن ٿي نگران وڏي وزير رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر پاران قائم شڪايتي سيل ۾ 18 ضلعن جي مخلتف کاتن بابت وڌيڪ شڪايتون ملڻ بعد وڏي وزير پنهنجي ماتحت سي ايم انسپيڪشن،انڪوائريز اينڊ ڪمپليمينٽ کاتي کي 9 اڪٽوبر 2023 تي هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ وڏي وزير حڪم ڪندي چيو ته 18 ضلعن ۾ وڃي انهن ادارن بابت جاچ گڏ ڪيو ان لاءَ وڏي وزير طرفان جاچ جي دائري ۾ ايندڙ ضلعن جي ايڊمنسٽريٽرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي جاچ ڪندڙ ٽيم سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي،وڏي وزير 18 ضلعن جي جاچ بابت 3 ٽيمون جوڙيون آهن جن۾ پهرين جاچ ٽيم جو انچارج اسپيڪشن ٽيم جو اسپيشل سيڪريٽري اعجاز علي پٺاڻ هوندو جيڪو ڪراچي سائوٿ،ملير، ويسٽ،سينٽرل،ايسٽ، سکر،خيرپور،شڪارپور ۽ گهوٽڪي جڏهن ته ٻي ٽيم جو انچارج ڊي جي انسپيڪشن ٽيم شير محمد مهيسر هوندو جيڪو سانگهڙ ۽ ميرپورخاص کي ڌسندو ۽ ٽين جاچ ٽيم جو انچارج عزيز احمد ميمبر ون هوندو جيڪو ڪراچي ڪورنگي، دادو،جامشورو،ٽنڊو الهيار،ٽنڊو محمدخان۽مٽياري ضلعي۾ مخلتف ادارن ۾ وڃي جاچ ڪندا،نگران وڏي وزير طرفان جن ادارن بابت جاچ جو حڪم ڏنو آهي انهن ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽِي،ڪي ڊيِ اي،مختيارڪار،سب رجسٽرار،پوليس ٿاڻا،ضلعي اسپتالون،لوڪل گورنمينٽ کاتو،صوبن ماتحت ٺهندڙ هائي ويز روڊن ۽ ٻيلو کاتو شامل آهي،ان سلسلي ۾ نگران حڪومت جي ذريعن موجب نگران وڏي وزير پاران انهن سمورن کاتن جي جاچ ڪرائڻ بعد جنهن به کاتي يا اداري تي ڪرپشن ثابت ٿيندي انهن خلاف جاچ نيب حوالي ڪئي ويندي.
ڊوميسائل برانچ مان سال 2021 جو رڪارڊ گم
ڪراچي: نگران وڏي وزير جي هدايت تي سي ايم آئي اي ٽي ڊي ٽيم جي ڪراچي مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا، ڊوميسائل برانچ جائزي دوران ڊوميسائل رڪارڊ 2021ميسر نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته بورڊ آف روينيو، روينيو رڪارڊ ۾ جعلسازي ۽ ڪرپشن ۾ ملوث 35 روينيو آفيسرن جو سروس رڪارڊ حاصل ڪري ورتوآهي، ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن سي ايم انسپيڪشن ٽيم جي انچارج اعجاز علي پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ مختيار ڪار گلشن اقبال،گلزار هجري ۽ منگھو پير جي آفيسن تي اوچتو ڇاپا هنيا سي ايم انڪوائري ٽيم بلڊر مافيا کي سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ جو رڪارڊ چيڪ ڪيو،جڏهن ته وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جي دوري دوران اي ڊي سي اولهھ ۽ مختيارڪار غير حاضر هيا.
ڪرپشن رپورٽ نگران وڏي وزير کي ڏني ويندي انسپيڪشن ٽيم
ڪراچي: نگران وڏي وزير جي ماتحت انسپيڪشن ٽيم جي ذريعن موجب صوبي جي 18 ضلعن ۾ انسپيڪشن ٽيم پاران جنهن به اداري بابت ڪرپشن جي نشاندهي ثابت ٿيندي ان جي رپورٽ وڏي وزير کي اماڻي ويندي ۽ وڏي وزير جي حڪم تحت ان اداري جي جانچ لاءَ ڪيس نيب ڏانهن اماڻيا ويندا.ياد رهي ته نگران وڏي وزير پنهنجي ٽيم کي هڪ مهيني يعني آڪٽوبر 2023 کان پهرين نومبر2023 تائين جانچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.