اسلام ڪوٽ(رپورٽ:غازي بجير) ٿرڪول بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ گورڌن ميگهواڙ جو لاش رکي هنيل ڌرڻو 20 ڪلاڪن بعد ختم ڪيو ويو، حبڪو ڪمپني جو هڪ به عملدار لڙي نه آيو، ٿرڪول بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ حبڪو ڪمپني جي ليبر ڪئمپ وٽان نوجوان پورهيت گرڌاري ميگهواڙ جو لاش هٿ اچڻ واري مامري بعد ڪا به خاص اڳڀرائي سامهون نه اچي سگهي، فوتي نوجوان جي پيءُ چهنو ميگهواڙ سميت ٻين پاران حبڪو ڪمپني انتظاميا جي هلي اچڻ تائين لاش پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ واري مطالبي کي ڪمپني ٽَڪي جي عزت نه ڏني، جنهن سبب لاش رکي شروع ڪيل احتجاج ۾ پ پ ضلعي صدر سينيٽر انجنيئر گيانچند ٿاهراڻي، راهول جيوڻ، سيد ڀورل شاھ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، جنهن بعد پ پ ضلعي صدر گيانچند ٿاهراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيو، سڄي رات لاش بنا پوسٽ مارٽم جي ايمبولنس ۾ پيل رهيو ۽ وارث احتجاج ڪندا رهيا، احتجاج مسلسل 20 ڪلاڪ جاري رهيو پر حبڪو ڪمپني جو ڪو به ذميوار لڙي نه آيو، وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو، پوسٽ مارٽم بعد وارث بنا ڳالهين جي پوليس پاران 174 جي ڪارروائي جي يقين ڌياني تحت احتجاج ختم ڪري ڇڏيو، لاش ڳوٺ ڌرم نيوويو، جتي آخري رسمون ادا ڪيون ويون، ذريعن کان مليل رپورٽن موجب اسلام ڪوٽ پوليس صبح کان ٿرڪول بلاڪ 2 تي حبڪو ڪمپني ۾ لٿل هئي،ڪيس هلڪو ڪيس داخل ڪرڻ تحت ڊيل هلي رهي هئي،پئسن تي ڳالھيون اڃا ھلندڙ هيون،جيڪي اڃان تائين ڪامياب نه ٿيون آهن، ذريعن موجب ته پوليس جي جي وڏي ڊمانڊ هجڻ ڪري حبڪو ۽ ٽي اي سي ڪمپني جا عملدار نه مڃي رھيا آھن، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ته پوليس مطابق پئسا اسان جي ڊمانڊ مطابق 40 لک نه مليا ته پوءِ 322 قلم مطابق گرفتاريون ڪنداسين ۽ ڪيس به داخل ڪنداسين، جيڪڏهن پئسا ملي ويا ته 174 قلم جو صرف ڪيس ٿيندو، جيڪو اڳتي ڊس مس ٿي ويندو.
حبڪو ڪمپني ۾ مقامي پورهيتن سان زيادتين جي انتها!
اسلام ڪوٽ:حبڪو ڪمپني ۾ مقامي مزدورن سان زيادتين جي انتها، جانورن جهڙو سُلوڪ،دانهن ڪرڻ تي بليڪ لسٽ ڪرڻ جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون، بلاڪ ٽو جي اندر ڪم ڪندڙ حبڪو ڪمپني ۾ غريب ۽ پورهيت ماڻهن سان ظلم ۽ زيادتين جي انتها ٿي وئي آهي، ڪمپنين مقامي پورهيتن کي تنگ ڪرڻ ڀڄائڻ واري فارمولي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي،ڪم ڪندر پورهيتن نالا راز ۾ رکڻ جي شرط تي ٻُڌايو آهي ته ڪمپنين جي ايڊمنن ۽ سيڪيورٽي عملي جو رويو انتهائي خراب آهي، اسان کي نه کاڌو ٽائيم تي ملي ٿو نه وري ٻي ڪا سهوليت صحيح نموني ٿي ملي،اسان پاروٿو کاڌو کائي کائي بيمار ٿي ويا آهيون، سوڊا جي ملاوٽ وارين مانين ۽ پاروٿو ٻوڙ کائڻ ڪري پيٽ جي بيمارين ۾ وٺجي چُڪا آهيون، اسان جي شڪايت ڪير به ٻُڌڻ وارو ناهي، نگران سرڪار کان مطالبو ڪيون ٿا ته انڪوائري ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
ڪمپني اندر نه ڇڏيو ويو، ٻڌايو ويو ته پٽ خودڪشي ڪئي آهي: والد چهنو مل
اسلام ڪوٽ: هوڏانهن فوتي جي پيءُ چهنو مل مطابق ته منهنجو پٽ چار ڏينهن اڳ حبڪو ڪمپني ۾ ويو هو، ڪالھ ٻڌايو ويو ته هن خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، اسان جڏهن حبڪو ڪمپني تي پهتاسين ته مون کي نه اندر ڇڏيو ويو نه وري پٽ جو منهن ڏسڻ لاءِ ايمبولنس بيهاري وئي،پ پ ضلعي صدر ۽ سينيٽر انجنيئر گيانچند ٿاهراڻي چيو آهي ته نوجوان جي جسم تي زخمن جا نشان هئا انهي لاءِ اسان کي شڪ پيدا ٿيو، حبڪو ڪمپني انتظاميه انتهائي غيرذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي،20 ڪلاڪن ۾ ڪو عملدار وارثن وٽ لڙي نه آيو، پوليس خاطري ڪرائي آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري شفاف جاچ ڪئي ويندي،جنهن بعد لاش ڳوٺ روانو ڪيو آهي.
ڊيل جون ڳالهيون غلط آهن، جاچ لاءِ بلاڪ ٽو تي حبڪو ڪمپني ۾ آيل آهيون:ايس ايڇ او
اسلام ڪوٽ: ان سلسلي ۾ رابطي تي ايس ايڇ او عطامحمد لغاري چيو آهي ته ڊيل جون ڳالهيون غلط آهن،اسان جانچ لاءِ بلاڪ ٽو تي حبڪو ڪمپني ۾ آيل آهيون، باقي نوجوان گرڌاري ميگهواڙ جو واقعو خودڪشي آهي، جنهن کي قتل ۾ شامل نه ٿا ڪري سگهون ،اسان جانچ ڪرڻ لاءِ 174 جي ڪاروائي تحت ڪيس داخل ڪنداسين، اگر اڳتي هلي واقعو قتل ثابت ٿيو ته اُهو ڪيس داخل ٿيندو، ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪبي.