مانجهند ڀرسان نينگر سان زيادتي ۽ قتل ڪيس جو جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويو

مانجهند (رپورٽ: بابو عمراڻي) مانجهند ڀرسان مبينا پوليس مقابلو ست ڏينهن اڳ بي دردي سان قتل ٿيل معصوم نينگر علي مرتضيٰ ملاح جي ڪيس ۾گهربل جوابدار فائرنگ ۾ مارجي ويو، ڳوٺ خاصائي موڙ  ۾ سي آءِ اي ڄامشورو ۽ خاڻوٺ پوليس معصوم نينگر علي مرتضيٰ ملاح جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار ڪامران عرف ڪامون رند کي مبينا مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، حبيب الله موڙ ۾ 7 ڏينهن اڳ بيدردي سان قتل ٿيل ست ورهين جي ٻئي ڪلاس جي شاگرد معصوم علي مرتضيٰ ملاح جي خون  ۾ ملوث  جوابدار جي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ بابت ايس ايس پي طارق نواز  ايس ايڇ او خاڻوٺ زاهد سراج  ۽ سي آءِ اي انسپيڪٽر ڄامشورو نيڪ محمد کوسو  پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته معصوم ٻارڙي علي مرتضيٰ ملاح کي ڪجهه ڏينهن اڳ بي دردي سان قتل ڪرڻ کانپوءِ ٽيم جاچ ڪئي، ڊي اين اي ٽيسٽ ۽ سائنٽيفڪ طريقي سان معصوم جي نينگر جي ننهن جا سيمپل جوابدار ڪامران عرف ڪامون رند سان مئچ ٿيا جنهن ۾ سندس جاچ ڪري خاصائي ويجهو پهتاسين ته جوابدار پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ پوليس به فائرنگ ڪئي مقابلي ۾ ڏوهاري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي بروقت تعلقي اسپتال مانجهند آندو ويو پر زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو، ڪيس ۾ 15 کان وڌيڪ ماڻھن جا جزا ورتا ويا هئا وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي، مقتول معصوم نينگر جي والد نعيم ملاح ۽ امڙ  ٻڌايو ته جوابدار وڏي عرصي کان تنگ ڪندو رهندو هو دڪان مان لکين وپين جو سامان چوري ڪري ويو جيڪو فيصلي ۾ چٽي سميت وٺڻ تي مڇرجي منهنجي معصوم پٽ کي وحشاڻي انداز ۾ ڳچي ۾ رسو وجهي ڏند ٽنگون ڀڃي گهلي قتل ڪيو، جوابدار جي مارجڻ تي سڪون مليو آھي پوليس جي بهتر ڪارڪردگي رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.