رياست کي بچائيندي سياست کي نقصان پهتو ته ان جي پرواهه ناهي: شهباز شريف

شيخوپورا (م ڊ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته اسان رياست بچائي ۽ سياست کي نقصان ٿيو، رياست بچي وئي، سياست به واپس اچي ويندي. شيخوپورا ۾ جلسي سان خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته 2013 ۾ 20-20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، صنعتون تباهه ٿي ويون هيون پر الله جو نالو وٺي نواز شريف رات ڏينهن محنت ڪئي ۽  20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ کي 4 سالن ۾ ختم ڪري ڇڏيو. هن چيو ته 21 آڪٽوبر تي نواز شريف واپس اچي رهيو آهي، ترقي جو رڪيل سفر نواز شريف جي واپسي سان ٻيهر شروع ٿيندو. سندس چوڻ هو ته اسان رياست بچائي ۽ سياست کي نقصان ٿيو، رياست بچي وئي، سياست به واپس اچي ويندي، رياست کي بچائيندي بچائيندي سياست کي نقصان پهتو ته ان جي پرواهه ناهي، جيڪڏهن پاڪستان جو ڏيوالو ٿي وڃي ها ته رياست تباهه ٿي وڃي ها.

ورلڊ ڪپ جو اڄ مها دنگل، شوقينن جو ساهه مٺ ۾

احمد آباد( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ۽ ڀارت جون ڪرڪيٽ ٽيمون سڀاڻي دنيا جي سڀ کان وڏي اسٽيڊيم ۾ عالمي ڪپ جي سڀ کان اهم ميچ ۾ آمهون سامهون هونديون، ان ميچ ۾ ڪاميابي فاتح ٽيم کي پوائنٽس ٽيبل تي ٽاپ پوزيشن تي پهچائي ڇڏيندي. هينئر تائين عالمي ڪپ ۾ ٻئي ٽيمون ٻه، ٻه ميچون کٽي چار چار پوائنٽ حاصل ڪري چڪيون آهن، احمد آباد جي نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ميچ کان اڳ رنگا رنگ تقريب ٿيندي جنهن ۾ ڪيئي فنڪار فن جا جوهر ڏيکاريندا. ميگا ايونٽ ۾ ڀارت کي پاڪستان خلاف ناقابلِ شڪست رڪارڊ سبب سرسي حاصل هوندي، هن ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستان ۽ ڀارت ست ڀيرا آمهون سامهون آيا آهن ۽ ست ئي ڀيرا ڀارتي ٽيم فاتح رهي آهي. ڪرڪيٽ تجزئي نگارن جي خيال ۾ پاڪ-ڀارت ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن تي دٻاءُ هوندو ۽ فيلڊ ۾ جيڪا ٽيم پنهنجي اعصابن تي قابو پائڻ ۾ ڪامياب رهندي اِها ميچ پنهنجي نالي ڪري وٺندي. آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ۽ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم ڀارت کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي پر ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ گرين شرٽس پنهنجي پهرين فتح جي ڳولا ۾ آهي. ماضيءَ ۾ جڏهن به پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ميگا ايونٽ ۾ آمهون سامهون ٿين ته ڪو نه ڪو يادگار واقعو ضرورر پيش آيو، مداح پراميد آهن ته هن ڀيري ٿيندڙ مقابلو به يادگار بڻجندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.