ٽنڊو محمد خان مان مبينا اغوا ٿيل هندو ناري جي آزادي لاءِ ڌرڻو

ٽنڊو محمد خان (ڊ  ر) ٽنڊو محمد خان ۾ 13 ورهين جي هندو نياڻي راڌا جي مبينه اغوا جي ڪيل واردات خلاف هندو برادري جي عورتن، مردن،  قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن گڏيل طور اسٽيشن روڊ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهري ڪرڻ کانپوءِ ڌرڻو هنيو، احتجاجي ڌرڻي دوران اغوا نياڻي جي امڙ شريمتي ڦولان، پيءُ منو ميگهواڙ ، قومي عوامي تحريڪ جي اشوڪ ڪمار ، ونود ڪمار، سول سوسائٽي جي منور لال ، پون ڪمار ۽ ٻين چيو ته 13 ورهين جي نياڻي راڌا ميگهواڙ کي 4 هٿياربند زبردستي گهر ۾ داخل ٿي رات جي وقت اغوا ڪري ويا، پوليس ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، نياڻي جي حياتي کي خطرو آهي، اڳواڻن چيو ته نياڻي کي جلد آزاد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، پوليس جو چوڻ آهي ته راڌا ميگهواڙ جي آزادي لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا لڳايا آهن پر هوءَ آزاد ناهي ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.