سکر (رپورٽر)سکر ۾ مغوين جي آزادي لاءِ احتجاج 10هين ڏينهن به جاري رکيو ويو، وائيس آف راڻيپور جي قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي سرڪار ۽ پوليس جو ڪوبه ذميوار نه پهتو، نه ئي عدالتن نوٽيس ورتو سنگرار مان اغوا ڪيل معصوم نياڻي پريا ڪماري، خيرپور مان اغوا ڪيل اسلام سومرو ، محراب مان اغوا ڪيل علي حسن ميمڻ ۽ ٻين مغوين جي آزادي راڻيپور کان سکر پريس ڪلب تائين پيادل مارچ کانپوءِ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري رات ڏينهن وارو احتجاج جاري رکيو ويو، 10 ڏينهن گذرڻ باوجود سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي ڪنهن به نمائندي يا عدالت نوٽيس ناهي، ڊاڪٽر نذير کوکر، مغوي اسلام سومرو جي والد محمد پريل سومرو، مخدوم بلاول، روشن لغاري، عطا محمد ڀٽو ۽ ٻين ٻڌايو ته مغوين جي آزادي لاءِ هڪ مهينو 08 ڏينهن گذري ويا آهن پر افسوس سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي احتجاجن جو نوٽيس ناهي ورتو ويو ۽ مغوين جي زندگي خطري ۾ آهي، اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته پريا ڪماري، اسلام سومرو، علي حسن ميمڻ ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن.