اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) مسلم ليگ ( ن) جو قائد ميان نواز شريف وطن پهچي به نه چونڊ وڙهي سگهندو ۽ نه ئي چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿي سگهندو.
نامياري صحافي اسد علي طور جو قانوني حوالي سان چوڻ آهي ته ڪنهن به آئيني ترميم کي قانون ذريعي ختم نه ٿو ڪري سگهجي نه ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي.
ميان نواز شريف جي تاحيات نااهلي آئين جي شق 62 هڪ ايف تحت ٿيل آهي جنهن کي تبديل ڪرڻ يا ان ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ 2 ڀاڱي 3 اڪثريت گهربل آهي، جيڪا پي ڊي ايم حڪومت وٽ نه هئي، ان ڪري صرف اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ڪري نااهلي مدو 5 سال مقرر ڪيو ويو، جنهن سان نواز شريف کي ڪوبه فائدو نه پهچندو.
اهو ممڪن آهي ته نوازشريف اچي پارٽي معاملا سنڀالي ، چونڊن کانپوءِ جيڪڏهن نواز ليگ اڪثريت سان ڪامياب ٿئي ٿي ته ڪوبه وزيراعظم ٿئي پوءِ 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان آئين جي شق 62 ايف هڪ ۾ ترميم ڪري نااهلي مدت 5 سال مقرر ڪئي وڃي .
ان بعد وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ۽ ڪابه ايم اين اي جي سيٽ خالي ڪرائي نواز شريف کي ڪامياب ڪري پوءِ وزيراعظم چونڊرايو وڄي ، صرف اليڪشن قانون ۾ ترميم واري قانون سان آئيني شق تي اثر نه پوندو.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 14 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي