سنڌ جون زمينون بي زمين هارين کي ڏيو، غيرقانوني پرڏيهين کي واپس موڪليو وڃي:لال جروار

ٽنڊوالهيار (پ ر/ڑڊر ) عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي وڇڙي ويل اڳواڻن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ عوامي تحريڪ طرفان “فڪر رسول بخش پليجي جا سورما ۽ سورميون” جي عنوان سان جلسو ڪيو ويو ۽ وڇڙي ويل ساٿين  ۽ ڀينرن جي لاءِ اٿي بيھي ٻه منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي، جلسي ۾ وڏي انگ ۾ عورتن مردن سميت سياسي سماجي سول سوسائٽي جي ماڻھن شرڪت ڪئي، جلسي کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سوشل ميڊيا سيڪريٽري اظھار دائودپوٽي، عبدالرحمنٰ سمون، عبدالله مڱڻھار، سائين بخش مير جت، حنيف سارنگ، ساگر درس، صديق اوٺو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عظمت مڱڻھار ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته مظلوم فلسطيني عوام مٿان اسرائيل جي جارحيت ۽ وحشياڻن حملن ۾ سوين معصوم ۽ بيگناھ عورتون معصوم ٻار ۽ مرد شھيد ڪيا ويا آھن، اسرائيلي حملن کان اسڪول اسپتالون ۽ معصوم ٻار به محفوظ ناھن، غزه مٿان شديد حملا ڪري ان کي مڪمل تباھ ڪيو ويو آھي، اسرائيلي حملن ۾ زخمي ٿيندڙ معصوم ٻارن، عورتن ۽ مردن جو علاج نه ٿيڻ ڪري زخمي تڙپي تڙپي مرن پيا، پاڻي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ سبب غزه ۾ اڃ ۽ بک وگھي ماڻھن کي مارڻ جو بندوبست ڪيو ويو آھي، بجلي بند ڪئي وئي آھي، فلسطيني  عوام مٿان ڪربلا ڪڙڪائي وئي آھي، جنگ جو دائرو شام ۽ لبنان تائين وڌائي عالمي سامراجي ملڪ دنيا کي ٽئين عالمي جنگ طرف ڌڪي رھيا آھن، عوامي تحريڪ جي وڇڙي ويل ساٿين ۽ ڀينرن عوامي تحريڪ طرفان ڪالاباغ ڊيم، ڌارين جي آبادڪاري ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف ھلايل تحريڪن جدوجھدن، لانگ مارچن ۾ سرگرميءَ سان ڪردار ادا ڪيو ۽ قومي طبقاتي جمھوري جدوجھدن ۾ شريڪ رھيا. ڊڪٽيٽر ضياءَ، مشرف جي آمريت خلاف ۽ عدليه جي آزاديءَ جي تحريڪن ۾ پنھنجي خاندان سميت شريڪ رهيا، قربانيون ڏنيون ۽ جيل ڪاٽيا، اڳواڻن چيو ته سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻايو ويو آهي، لکين افغانين، برمين، بھارين،روهينگين ۽ ٻين غير قانوني غير ملڪين کي سنڌ مٿان مڙهيو ڪيو ويو آهي. نادرا طرفان لکين غير ملڪين کي رشوت عيوض ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏنا ويا آھن، ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪري ملوث آفيسرن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي، سنڌ جي نگران حُڪومت افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي واپس موڪلڻ لاءِ ٺوس عملي قدم کڻي، پيپلز پارٽي آدمشماري نتيجا قبول ڪري سنڌي قوم سان تاريخي ويساھ گھاتي ۽ غداري ڪئي آهي. انھن غدارن جو حشر به ايوب کھڙي جھڙو ٿيندو سنڌ جو باشعور عوام پنھنجن غدارن کي ڪڏھن به معاف نه ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.