ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو ) سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، سنڌ حڪومت صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ڊي جي رينجرز جي سفارش تي صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي ٽن مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، نوٽيفڪيشن موجب پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ڊيوٽي وقت پابندي کان آجا هوندا، سيڪيورٽي گارڊ صرف ڊيوٽي واري جاءِ تي هٿيار کڻي سگهندا. ان سلسلي ۾ گهرو کاتي طرفان پوليس کي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ايف آئي آر داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي .