اسرائيلي فوج پاران فلسطينن کي غزا خالي ڪرڻ جو الٽيميٽم، حماس جو وڏو اعلان

غزا(ويب ڊيسڪ) اسرائيل طرفان چويهه ڪلاڪن اندر غزا کي خالي ڪرڻ واري الٽيميٽم تي فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس غزا نه ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسرائيلي فوج طرفان غزا ۾ پمفلٽس اُڇلايا آهن جن ۾ لکيل آهي ته غزا ۾ رهندڙ فلسطيني پنهنجا گهر فوري طور ڇڏي ڏيو.

جنهن تي حماس غزا نه ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ پنهنجي بيان ۾ ترجمان خالد قدومي چيو آهي ته غزا جا فلسطيني 1948ع جيان ٻيهر پناهگير نه بڻجندا، غزا جي شهرين کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته فلسطيني پنهنجي سرزمين ڪڏهن نه ڇڏيندا، اسرائيل غزا کي خالي ڪرائڻ لاءِ عالمي ادارن تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي.

ٻئي پاسي حماس جي عسڪري ونگ القسام برييگيڊ جي ترجمان ابو عبيدا خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل زخمي حملو ڪيو ته سندس فوج کي نيست ۽ نابود ڪري ڪيو ويندو.

هوڏانهن اسرائيل طرفان غزا تي بمباري جو سلسلو جاري آهي ۽ هينئر تائين اسرائيلي وحشياڻي بمباري ۾ شهيد فلسطينن جو انگ 1800 کان وڌي ويو آهي.

فلسطيني صحت واري وزارت موجب، اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطيني ٻارن جو انگ پنج سئو ٽياسي ٿي ويو آهي جڏهن ته اسرائيلي حملن ۾ هزارين فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.