سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي اندر ھڪ ”سسٽم“ جيڪو ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪري پيو ان جو انت پوئين حڪومت ختم ٿيڻ سان ٿي چڪو آھي. ذريعن موجب اڳوڻي صوبائي حڪومت دوران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڪرپٽ نه پر ڪرپٽ ترين ادارو بڻايو ويو ھو جيڪو ڪرپشن ذريعي ايمانداريءَ کي اڏوھيءَ جيان کائي رھيو ھو. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جا ڪيترائي آفيسر لک پتي مان ڪروڙ پتي ٿي ويا پر خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي رڳو روايتي انداز مطابق سسپينڊ ڪري وري کين بحال ڪيو ويندو ھو. ٻڌايو وڃي ٿو ته ھيٺين ملازمن کان وٺي مٿين ملازمن توڙي سياسي ۽ غير سياسي طاقتن کي به مال ويندو ھو ۽ سسٽم جو مطلب ٺيڪو ھو جيڪو مبينا طور ھڪ بااثر بلڊنگ انسپيڪٽر کي مليل ھو.
تازو ئي اڳوڻي حڪومت وڃڻ کان پوءِ جيئن ئي نگران حڪومت اقتدار حاصل ڪري ويٺي ته سسٽم ھڪ دم بند ٿي ويو ۽ اوچتو ڪارروايون شروع ٿي ويون. ڏسندي ئي ڏسندي سسٽم جا ماڻھو غائب ٿيندا ويا ۽ شھزاد آرائين منظر عام تان غائب ٿي ويو. ھاڻي سسٽم جو مک ئي اگر غائب ٿي وڃي ته سسٽم مان مال ٺاھيندڙ ڪيترن ئي اداررن ۽ سياسي ماڻھن جا منھن ڏسڻ جھڙا ئي نه رھيا. ھن مهل سنڌ ڪنٽرول اٿارٽي جو سسٽم ته بند ٿي چڪو آھي پر ڇا ڪرپشن به ختم ٿي وئي؟ ته ان جو جواب يقينن نه ئي ھوندو ڇاڪاڻ ته ھڪ ٿالهھ ۾ ماني کائيندڙ کي ٿالھيءَ مان پيٽ ئي نه ڀرجندو.
ياد رھي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ تي قابض سسٽم جو نيٽ ورڪ ھاڻي وائکو ٿيڻ شروع ٿي ويو آھي تازو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پنھنجي آفيشل ويب پيج تي سسٽم جي خاتمي ٿيڻ جي به تصديق ڪري ڇڏي آھي جيڪا ھڪ حيرت جي ڳالھه آھي ته ويب سائيٽ تي ھڪ پوسٽ رکيل آھي جنھن ۾ واضح لکيل آھي ته ”سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽـي ۾ ھاڻي ڪو به پٽو سسٽم ناھي“. ان جو واضح مطلب اھو آھي ته اڳ ۾ پٽو سسٽم يعني ٺيڪو سسٽم موجود ھيو. ڪيڏي نه عجيب آھي جو ڪرپٽ سسٽم جي خاتمي جو به وڏي واڪي اعلان ٿو ڪرڻو پوي. ان سسٽم جي خاتمي کان پوءِ گذريل ڏيڍ مھيني دوران ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ غير قانوني طور اڏيل 300 جي لڳ ڀڳ عمارتون ڊاھي پٽ ڪيون ويون آھن، جڏھن ته ذريعن جو چوڻ آھي ته گهٽ ۾ گهٽ سموري ڪراچيءَ ۾ 5 ھزار بلڊنگس غير قانوني اڏيل آھن.
ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ لينڊ مافيا پاران غير قانوني طور اڏيل عمارتون سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ لاءِ چيلينج بڻيل آھن ته ٻئي طرف انھن قبضا مافيا سان ٻٽ بڻيل ساڳي ئي اداري جا آفيسر به ھڪ چيلينج ئي آھن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا ڪرپٽ آفيسر جيڪي پوئين سسٽم ۾ موجود ھئا انھن جا ڪيل ڪارناما ڪنھن کان به لڪيل ناھن جنھن جا ثبوت سسٽم ختم ٿيڻ تي واضح ٿي آھن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ سسٽم دوران ڪيتريون ئي غيرقانوني هائوسنگ اسڪيم شروع ٿيون جنهن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي هئي.
تازو نگران حڪومت اچڻ بعد ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي اسحاق کهڙي ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن جنهن ۾ ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ قائم غير قانوني اسڪيمن جا نالا ظاهر ڪندي عوام کي آگاهه ڪيو ويو آهي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ ڄاڻايل غير قانوني اسڪيمن ۾ دي گرينس، متين ڪامپليڪس، ڪراچي ڊريم ويلاس، ام القرا سٽي، ڪنگس ڪاٽيجس فيز 2، بيچ سٽي، القيصر ٽاور، مصطفيٰ ڪاٽيجس، رحمان اسڪوائر ۽ ٻيون هائوسنگ اسڪيم شامل آهن جيڪي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران جاري ٿيندڙ اين او سي جي بغير ھلي رھيون آھن.
ياد رھي ته اھڙي قسم جون اسڪيمون جيڪي بلڊنگ ڪنٽرول جي اين او سي جي بنا ھونديون آھن انھن اسڪيمن ۾ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب ڪنھن به صورت ۾ ڪمرشل ڪنيڪشن ناھي ڏنو ويندو. ياد رھي ته گيس، بجلي توڙي ٻيا ڪمرشل ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اين او سي لازمي ھوندي آھي ۽ بغير ايس بي سي اي اپرووڊ ڪو به ھائوسنگ پروجيڪٽ عام شھرين جي مال تي ڌاڙو ۽ قانون موجب فراڊ آھي جيڪو شھرين سان ٿئي پيو. ھاڻي مختلف قسمن جون غير قانوني اسڪيمون جيڪي ظاھر ٿين پيون اھي مبينا طور اڳوڻي سسٽم جو نتيجو آھن. سسٽم ختم ته ٿي به ويو پر ڪرپشن ختم نه ٿي سگهي ان جو مثال وري ڪورنگي ضلعي جي علائقي شاھ فيصل ڪالوني 5 نمبر ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 5 مزدور جي فوتگي جو وٺي سگهجي ٿو.
اربع ڏھاڙي پيش آيل افسوس جوڳي واقعي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسرن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آھن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جي آفيسرن جو ڪم آھي ته سڀ کان اڳ جڳهھ جا قانوني ڪاغذ وٺڻ بعد زمين جو معائنو ڪري پروپوزل اپروو ڪري ڏين، ان کان پوءِ انھيءَ آفيسرن جو ڪم آھي ته جڳهھ ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل جو به معائنو ڪن ته ڇا بلڊنگ ڪري پوندي يا صحيح آھي پر ھتي انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا وارو ڪم آھي. ساڳيو ئي روايتي انداز ته ڪاميٽي ٺاھي آھي رپورٽ پيش ڪئي ويندي. اھو واقعو مثال آھي ته سسٽم ختم ٿي ويو آھي پر ڪرپشن ختم نه ٿي سـگهي آھي. خير ڳالھه چوڻ جي ته ڪرپشن خلاف به اڃا ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي سسٽم جي ختم ٿيڻ بعد ھڪ ئي ڏينھن اندر 14 آفيسرن کي به برطرف ڪري رپورٽ ڪرڻ جو آرڊر ڏنو ويو آھي.
غير قانوني طور ٺهندڙ عمارتن توڙي ننڍي جڳهن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا 14 آفيسر برطرف ڪري ايڊمنسٽريشن سيڪشن کي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارجي جي سڌرڻ جا ڏينھن به نگران سيٽپ دوران ئي آھن جيڪڏھن واقعي ڊاريڪٽر جنرل اداري کي بھتر ڪرڻ لاءِ سنجيده آھي ته اڃا به وڌيڪ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. پھرين جنھن فائيل لاءِ مھينن جا مھينا ڀڄڻو پوندو ھو ان فائيل لاءِ ھاڻي 15 ڏينھن کان 45 اندر ڊجيٽل ون ونڊو فيسلٽي زريعي ۽ سنگل ونڊو فيسلٽي زريعي پنھنجي گهر جو نقشو ۽ ھاءِ رائز بلڊنگ جو نقشو پاس ڪرائي سگهجي ٿو.
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي اندر ھڪ ”سسٽم“ جيڪو ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪري پيو ان جو انت پوئين حڪومت ختم ٿيڻ سان ٿي چڪو آھي. ذريعن موجب اڳوڻي صوبائي حڪومت دوران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڪرپٽ نه پر ڪرپٽ ترين ادارو بڻايو ويو ھو جيڪو ڪرپشن ذريعي ايمانداريءَ کي اڏوھيءَ جيان کائي رھيو ھو. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جا ڪيترائي آفيسر لک پتي مان ڪروڙ پتي ٿي ويا پر خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي رڳو روايتي انداز مطابق سسپينڊ ڪري وري کين بحال ڪيو ويندو ھو.