سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بدامني سبب عام ماڻھو جي رواجي زندگيءَ جي رواني متاثر ٿي رھي آھي.قانون لاڳو ڪندڙ ادارا موجود آھن،پر ڦرن،ڌاڙن ۽ اغوا جھڙا واقعا رڪجن نھ پيا.ھر حڪومت جيئن ھاڻوڪي نگران سرڪار پڻ وڏي دعويٰ ڪئي ھئي تھ امن امان جو مسئلو اوليت جي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.جنھن جي لاءِ سنڌ حڪومت جي ڪابينا پاران ڪيل فيصلي بعد سنڌ جي اتر واري علائقي جي ڪچي ۾ آپرشن بھ جاري آھي.پر ان جو مجموعي طور تي عام ماڻھون جي حياتيءِ تي ڪو مثبت فرق پوندو نظر نھ پيو اچي.
ھڪ عرصي کان سياسي بي يقيني،بدامني ۽ مھانگائي مان عوام بيزار ٿي ويو آھي.جنھن ڪري ماڻھون مان جيئن جو سمورو اتساھ پورو ٿي رھيو آھي،اختياريون رواجي ڳالھيون تھ ڪن ٿيون پر ان جو عملي مظاھرو نھ ٿيڻ ڪري معاشري تي ڪو مثبت اثر نھ پئجي رھيو آھي.
ان کان وڏي عملي ناڪامي ڪھڙي ٿي سگھي ٿي جو ڌاڙيل قانون لاڳو ڪندڙ پوليس جي عملدارن ۽ اھڪارن کي اغوا ڪري وڃن.ان عمل سان رھيو سھيو امن امان جي بھتري وارو تاثر پڻ پوري ٿي ويو آھي.
نھ رڳو اغوان ٿيل پوليس اھڪار بازياب نھ ٿي سگھيا آھن رھندو ڌاڙيل ٻين ماڻھن کي بھ اغوا ڪري رھيا آھن،اھڙي صورتحال سبب سموري سماج ۾ اھو تاثر پيدا ٿيڻ لازمي امر آھي تھ سنڌ ۾ قانون جي ڪا رٽ نھ آھي.پني عاقل جي ڪچي ۾ پوليس اسٽيشن تان اغوا ٿيل ايس ايڇ او ۽ سندس پٽ سميت پنج ئي پوليس عملدار آزاد نه ٿيا آھن.جنھن خلاف 14 سڃاتل جوابدارن سميت ڪل 40 ھٿياربندن خلاف ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. جنهن ۾ اغوا ڪارن ۽ سندن سهولتڪارن سميت سرپرستن کي به شامل ڪيو ويو.
پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ گذريل رات دير تائين پنج ئي مغوي پوليس عملدارن کي بازياب ڪرڻ جي ڊيل مڪمل ٿي وئي هئي. جيڪا پڻ پڪي نھ ٿي سگھي، جنهن ڪري شڪارپور ضلعي جي پوليس ۽ رينجرز ڌاڙيلن جي ٽن ڳوٺن کي آخري اطلاعن تائين ڪڙو ڏئي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ويهي رهي پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگھي.
ايس ايس پي شڪارپور اھڙي ڪنھن بھ ڊيل جي ترديد ڪري ٿو ۽ دعويٰ ڪري ٿو تھ ڪارروائي ڪري پوليس جي جوانن کي آزاد ڪرايو ويندو،پر رڳو ويجھي ماضي ۾ سنڌ ۾ وڏي پئماني جي احتجاج بعد جيڪي بھ مغوي بازياب ڪرايا ويا ھئا، انھن مان ڪنھن ھڪ بابت ڪي تفصيل پڌرا نھ ٿيا ھئا.جنھن ڪري اھو تاثر موجود آھي تھ اھي سمورا مغوي پوليس جي رواجي ”ڊيل“ سان ئي بازياب ٿيا ھئا.ماڻھن وٽ جنم ورتل اھڙي خيال کي ضايع ڪرڻ جي لاءِ اختيارين پاران ڪنھن بھ قسم جي اعتبار جوڳي وضاحت سامھون نھ آئي ھئي.
ڪوٽ شاهو پوليس اسٽيشن تان ٻه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ايس ايڇ او محبوب علي بروهي ۽ سندس پٽ محمد علي بروهي، ھيڊمحرر نسيم گوپانگ ۽ پوليس اهلڪارن جان محمد بکراڻي ۽ اياز علي ڪنڀر بازياب نه ٿي سگھيا آھن ۽ ان سلسلي ۾ ڪنھن بھ اھڙي ڪارراوئي بابت ڪا حقيقت بھ سامھون نھ اچي رھي آھي،جنھن مان اھو لڳي تھ پوليس يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عملي ميدان تي ڪا ڪارروائي ڪري رھيا آھن.
ھئڻ تھ ائين گھرجي تھ پوليس جي مغوين جي بازيابي جي لاءِ ڏوھارين خلاف بنا ڪنھن رعايت جي ڪارروائي ڪري ان بابت سموري تفصيل کان عوام کي آگاھ ڪيو وڃي، جيئن عوام ۾ ڏوھارين جي مقابلي ۾ قانون جي سگھاري ھئڻ جو خيال پيدا ٿئي پر جڏھن خود قانون لاڳو ڪندڙ اداري جون اختياريون معذرت خواھ واري انداز ۾ ڳجھي ريت ڪنھن ”ڊيل“ ڪرڻ ۾ رڌل ھجن تھ ان سان ڏوھارين جي مضبوط ھئڻ وارو تاثر وڌيڪ پختو ٿئي ٿو.جنھن جو سماج تي ڪو بھ مثبت نھ پر منفي اثر پوندو.
-
ھزارين افغانين کي پاڪستان جا جعلي پاسپورٽ ڪئين تيار ٿي مليا ؟
حڪومت ڪجھھ وقت اڳ ملڪ ۾ غيرقانوني رسيل پرڏيھي شھرين جنھن ۾ وڏو تعداد افغاني شھرين جو آھي انھن کي نيڪالي ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ بعد انھن خلاف مھم ھلائي ھئي.جنھن بعد ھاڻي اھا مھم سست رفتاري جو شڪار ٿي رھي آھي.مٿان وري ڪي حيرت ۾ وجھندڙ معاملا سامھون اچي رھيا آھن.جنھن ۾ ھڪڙو اھو بھ آھي تھ سعودي عرب 12 هزار افغان شهرين وٽان پاڪستان جا پاسپورٽ هٿ ڪري ڪيا آهن.جنھن بابت چيو ٿو وڃي تھ انھن افغاني شهرين کي پاڪستاني پاسپورٽ جعلي سڃاڻپ ڪارڊز تي جاري ڪيا ويا، جعلي پاسپورٽ ٺاھي ڏيندڙ گروهه جي مک جوابدار کي لاهور مان گرفتار بھ ڪيو ويو آھي.
پاسپورٽ ڊائريڪٽوريٽ اسلام آباد جي هڪ حاضر سروس ۽ هڪ ريٽائرڊ ملازم کي به گرفتار ڪيو ويو. عملدارن جو چوڻ آهي ته معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ نادرا ڊيٽا به ڪائونٽر چيڪ ڪئي پئي وڃي. پاڪستاني پاسپورٽ اينڊ اميگريشن اختيارين جو چوڻ آهي ته پاسپورٽ ڊائريڪٽوريٽ پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي، ڪيس جي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ نادرا اڪائونٽنٽ جي ڊيٽا به چيڪ ڪئي پئي وڃي.
ھاڻي جيڪڏھن ويھي ليکو چوکو ڪجي تھ اھو سڀ ڪجهھ لاڳاپيل اختيارين کان لڪ چوري ٿيڻ ممڪن ئي نھ آھي.جڏھن ملڪ جي اھڙن حساس ادارن مان پڻ پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊز بھ تيار ٿي سگھن ٿا تھ پوءِ باقي ڪھڙي ريت قانون تي عمل ٿي رھيو آھي؟پاڪستان ۾ قانون جي اھڙي ريت ٿيندڙ لتاڙ بعد واسطيدار ادارن کي گھرجي تھ اھي انتھائي سختي سان ان جي مڪمل جاچ ڪري ان عمل ۾ ملوث ڏوھارين خلاف جوڳي ڪارروائي ڪن جئين وري ڪنھن کي اھڙي قسم جي ڏوھ ڪرڻ جي ھمٿ نھ ٿئي.
ٻئي پاسي ملڪ ۾ غيرملڪين خلاف مھم بابت پڻ عوام کي آگاھ ڪرڻ جي لاءِ مڪمل ۽ مفصل معلومات مھيا ڪئي وڃي.جيئن اھڙي مھم تي ٿيندڙ عمل کان عوام پڻ باخبر رھي.اھو درست آھي تھ غيرملڪي جن کي پاڪستان دعوت ڏئي ڪري گھرايو ھو اھي پاڪستان جي مھمان آھن، پر انھن مھمانن جي مھرباني سان جڏھن ملڪ جو نالو ۽ساک متاثر ٿئي ۽ ان سان ملڪ جي وسلين تي پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙو نقصان ٿئي تھ پوءِ ان بابت جوڙيل پاليسي تي عمل ڪيو وڃي ۽ پنھنجي گھر کي پھرين محفوظ بڻايو وڃي اھو ئي اصول ھئڻ گھرجي.