شيخوپورا (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته اسان رياست بچائي ۽ سياست کي نقصان ٿيو، رياست بچي وئي، سياست به واپس اچي ويندي.
شيخوپورا ۾ جلسي سان خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته 2013 ۾ 20-20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، صنعتون تباهه ٿي ويون هيون پر الله جو نالو وٺي نواز شريف رات ڏينهن محنت ڪئي ۽ 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ کي 4 سالن ۾ ختم ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته 21 آڪٽوبر تي نواز شريف واپس اچي رهيو آهي، ترقي جو رڪيل سفر نواز شريف جي واپسي سان ٻيهر شروع ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته اسان رياست بچائي ۽ سياست کي نقصان ٿيو، رياست بچي وئي، سياست به واپس اچي ويندي، رياست کي بچائيندي بچائيندي سياست کي نقصان پهتو ته ان جي پرواهه ناهي، جيڪڏهن پاڪستان جو ڏيوالو ٿي وڃي ها ته رياست تباهه ٿي وڃي ها.
Next Post
You might also like