عمر ۾ اضافو ته اهو عمل آهي جنهن کي روڪڻ ڪنهن به لاءِ ممڪن ناهي ۽ هر گذرندڙ سالن سان گڏ پوڙهائپ جا آثار قدرتي طور تي اسان جي چهري جي کَلَ تي نمايان هوندا آهن.
پر مسواڙ جي گھر ۾ رهڻ پوڙهائپ ڏانهن سفر تيز ڪري سگھي ٿو.
اها دعويٰ هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
جرنل آف Epidemiology ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته مسواڙ جي گھر ۾ رهندڙن جي حياتياتي عمر ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو آهي، حقيقت ۾ اهو اضافو بيروزگار رهڻ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي وڌيڪ هوندو آهي.
هونئن ته هر فرد جي عمر جو تعين ڄم جي تاريخ (ڪرانيڪل ايج) سان ڪيو ويندو آهي پر طبي لحاظ سان هڪ حياتياتي عمر (بائيولوجيڪل ايج) به هوندي آهي.
جينز، طرز زندگي ۽ ٻيا عنصر ان حياتياتي عمر تي ناڪاري اثر وجهندا آهن ۽ اهو عمر جيتري وڌيڪ هوندي مختلف مرضن جو خطرو به اوترو به ئي وڌي ويندي.
ان مان اهو اشارو به ملي ٿو ته اسان ڪيتري تيز رفتاري سان پوڙهائپ جو شڪار ٿي رهيا آهيون.
ان نئين تحقيق ۾ برطانيا جي گھراڻن تي ٿيل تحقيقي ڪم ۽ سروي رپورٽن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي هئي جن ۾ اهو ڏٺو ويو ته مسواڙ جي گھر ۾ رهڻ سان ماڻهو ڪهڙي قسم جي دٻاءَ ۽ ٻين اثرن کي منهن ڏين ٿا.
ان کان پوءِ انهن گهراڻن جي طبي رڪارڊ جو به تجزيو ڪيو ويو ۽ سندن رت جي نمونن ۾ حياتياتي عمر جي جاچ ڪئي وئي.
نتيجن مان خبر پئي ته مسواڙ جي گھر ۾ رهندڙ ماڻهن جي حياتياتي عمر گھڻي تيزي سان وڌندي آهي.
حقيقت ۾ گھر مالڪ جي ڀيٽ ۾ مسواڙ تي رهندڙن جي حياتياتي عمر ٻيڻ تي تيزي سان وڌندي آهي.
تحقيق موجب سگريٽ ڇڪڻ جي عادي اهڙا ماڻهو جيڪي ان عادت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندا آهن، جي ڀيٽ ۾ مسواڙ جي گھر ۾ رهندڙن جي حياتياتي عمر ۾ اضافي جي رفتار لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو وڌيڪ هوندي آهي.
اهو مسئلو اهڙن ماڻهن ۾ وڌيڪ نمايان هوندو آهي جن لاءِ مسواڙ ادا ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي يا اهي اهڙن هنڌن تي رهندا آهن جتي ماحولياتي ۽ معاشرتي مسئلا عام هوندا آهن.
محققن ٻڌايو ته نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته پنهنجو گھر نه هجڻ صحت تي ناڪاري اثر وجهندو آهي، پر جڏهن ڪو فرد پنهنجو گھر خريد ڪندو آهي ته حياتياتي عمر ۾ اضافي کي ريورس ڪري سگھجي ٿو يا انهن جي گھرن جي حالت بڻائڻ سان به اهي اثر ڪنهن حد تائين گھٽائي سگھجي ٿو.