حماس ويڙھاڪ پيراشوٽس مدد سان اسرائيل ۾ ڪيئن داخل ٿيا

جڏهن حماس ڇنڇر ست آڪٽوبر تي، اسرائيل تي حملو ڪيو تھ انھن ويڙهاڪن ۾ پيراشوٽ سان سرحد پار ڪندڙ ويڙھاڪ پڻ ھئا.تحريڪ جي عسڪري  ونگ ‘عزالدين القسام برگيڊ’ غزه جي پٽي جي آس پاس اسرائيلي علائقن ۾ عيد تھوار ملھائندڙن تي حملا ڪيا. هن اوچتي ڪاھ  کي ’آپريشن طوفان الاقصيٰ‘ جو نالو ڏنو ويو آهي.

اسرائيلي فوج جي ترجمان رچرڊ هيچٽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته فلسطيني ويڙهاڪن ”پيراشوٽس“ سمنڊ ۽ زمين رستي سان حملو ڪيو.ھوا ۾ اڏامي سرحد پار ڪرڻ .فلسطيني ويڙهاڪن غزه کي اسرائيل کان الڳ ڪندڙ واڙ کي هوا ۾ اڏامي ڪري عبور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ھئا.

ھو اھڙن پيراشوٽ ۾ ويٺا جن ۾ هڪ يا ٻن ماڻهن جي ويھڻ جي گنجائش ھئي.ھڪ جنريٽر ۽ بليڊر  جي مدد سان انھن کي غزه جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ اڳڀرائي جي لاءِ ھلايو ويو ھو.

ٻي عالمي جنگ جي حڪمت عملي فوجي پيراشوٽ باقاعدگي سان فوجي يونٽن کي هوا مان لھڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جنھن جو مقصد جنگ جي ميدان جي پوئين پاسي کان دشمن جي صفن ۾ داخل ٿيڻ آھي.پيراشوٽ ٽيمن کي پهريون ڀيرو ٻي عالمي جنگ دروان  جرمني ۽ ان جي اتحادين پاران مقابلي ڪرڻ جي لاءِ مقرر ڪيو ويو ھو.

1987 جو گلائيڊر حملو ؛ حماس پاران ڇنڇر واري ڏينھن ڪيل حملو پاپولر فرنٽ فار دي لبريشن آف فلسطين جي جنرل ڪمانڊ جي ٻن فلسطينين، ھڪ شامي ۽ ھڪ تيونيسي شھر پاران ڪيل گلائيڊر آپريشن جي ياد ڏياري ٿو.ھنن نومبر 1987 ۾ اسرائيلي فوجي اڏي تي حملو ڪرڻ لاءِ لبنان کان اڏام ڀري ھئي.

گرائونڊ لانچ:  موٽر ۽ ڪنٽرول سان ليس  پيراشوٽ استعمال ڪندي ويڙهاڪن زمين تان لانچ ۾ ڪامياب ٿي ويا.ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهي بغير ڪنهن ٽڪريءَ تي چڙهڻ يا جهاز تان هيٺ لهڻ جي، پڻ سفر ڪري سگهن ٿا.انجڻ پيراشوٽ کي 56 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان پروپلشن فورس ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

پيرا گلائيڊرز زمين کان سراسري طور 5000 ميٽرن جي اوچائي تي ٽن ڪلاڪن تائين پرواز ڪري سگهن ٿا.پيراگلائڊنگ ويب سائيٽس  جي مطابق اهي 230 ڪلوگرام يا 4 ماڻهن جي برابر  وزن کڻڻ جي قابل آھن. ڇٽي جھڙين ڪنٽر پٽيشنز ۾ هڪ خاص شخص لاءِ سيٽ يا هڪ ٽن ڦيٿن  واري گاڏي ٿي سگھي ٿي.جنھن ۾ ٻه ماڻهو ويھي سگهن ٿا.

عزالدين القسام برگيڊ جي ‘ملٽري ميڊيا’ پاران پوسٽ ڪيل وڊيو ڪلپس ۾ پيرا گلائيڊرز کي زمين تان لانچ ڪندي ڏيکاريو ويو آھي. جن ۾ ھر ھڪ کي  هڪ يا ٻه ويڙهاڪن ھلائين پيا.ٻين فوٽيج ۾ شدت پسندن کي هوائي فائرنگ ڪندي ۽ لينڊ ڪرڻ کان اڳ اسرائيلي پوزيشن تي حملو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. ڪجهه پيراشوٽ ويڙهاڪن کي موٽر سائيڪلن تي کڻي وڃي رهيا هئا.حماس پيراٽروپرز جي هن گروپ کي ”ساڪر اسڪواڊرن“ جو نالو ڏنو آھي.

اسرائيلي فوج کي پيراشوٽ جي خبر ڇو نه پئي؟ حماس ميڊيا پاران شايع ڪيل وڊيو ڪلپس ۾ هٿياربند پيرا گلائڊرز کي غزه جي پٽي تي وڏي پئماني تي راڪيٽ فائر ڪرڻ وقت انھن جي آڙ ۾ پرواز ڪندي ڏيکاريو ويو آھي.انهن مان ڪجهه گهٽ اوچائي تي اڏامندي نظر آيا، جڏهن ته ٻيا آسمان ۾ بلند هئا. اهي غزه جي چوڌاري آسمان ۾ صاف نظر اچي رهيا هئا.اسرائيلي ميڊيا سوال اٿاريو آهي ته فوجي يونٽ انهن جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام ڇو ٿيا ؟ اسرائيلي فوج اڃا تائين اهو نه ٻڌايو آهي ته انھن کي فضا مان سرحد پار ڪندڙ اھي ويڙھاڪن جو ڇو پتو نه لڳو، خاص طور تي پيراشوٽس تي ڪافي واضح هئا  ماڻهن انهن جا فون سان وڊيو بھ ڀريا آھن.

آئرن ڊوم: پوءِ ڇا اسرائيلي گشت بجاءِ ٽيڪنالاجي تي تمام گهڻو ڀروسو ڪن ٿا؟ ڪجهه رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته اسرائيلي فضائي دفاعي نظام، جهڙوڪ آئرن ڊوم ۽ ريڊار، اهڙين ننڍڙن اڏامندڙ شين جي لاءِ ڊزائين نھ ڪيا ويا آھن.

گھڻ رخو حملو : القسام برگيڊ جي ڪمانڊر محمد الديف طرفان پهرين ڏينهن تي جاري ڪيل بيان موجب حماس حملي جي شروعات 5 هزار راڪيٽ فائر ڪري ڪيو ھو. ان جي فورن بعد ويڙھاڪن زمين، سمنڊ رستي حملو ڪيو،جنھن لاءِ ھنن گن بوٽس ۽ پيراشوٽ جو استعمال ڪيو.ميڊيا ۽ فوجي رپورٽن مان  ظاهر ٿئي ٿو تھ  پيراشوٽ حملو ۽ فضائي دافع کي باءِ پاس ڪرڻ جي صلاحيت واڙ عبور ڪرڻ ۾  فيصلاتتو ڪردار  ادا ڪيو.

ان حملي جي پھرين ڏينھن، اسرائيل ۾ عام شھرين ۽ فوجي اھلڪارن کي وڏو جاني نقصان ٿيو. شدت پسندن 100 کان وڌيڪ اسرائيلي شهرين ۽ فوجي اهلڪارن کي اغوا ڪيو. جيڪي حماس وٽ يرغمال بڻيل آھن.              (بي بي سي)

 

 

اسرائيلي فوج کي پيراشوٽ جي خبر ڇو نه پئي؟ حماس ميڊيا پاران شايع ڪيل وڊيو ڪلپس ۾ هٿياربند پيرا گلائڊرز کي غزه جي پٽي تي وڏي پئماني تي راڪيٽ فائر ڪرڻ وقت انھن جي آڙ ۾ پرواز ڪندي ڏيکاريو ويو آھي.انهن مان ڪجهه گهٽ اوچائي تي اڏامندي نظر آيا، جڏهن ته ٻيا آسمان ۾ بلند هئا. اهي غزه جي چوڌاري آسمان ۾ صاف نظر اچي رهيا هئا.اسرائيلي ميڊيا سوال اٿاريو آهي ته فوجي يونٽ انهن جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام ڇو ٿيا ؟ اسرائيلي فوج اڃا تائين اهو نه ٻڌايو آهي ته انھن کي فضا مان سرحد پار ڪندڙ اھي ويڙھاڪن جو ڇو پتو نه لڳو، خاص طور تي پيراشوٽس تي ڪافي واضح هئا  ماڻهن انهن جا فون سان وڊيو بھ ڀريا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.