زرعي سمري: عدالتن جي قيام جي سخت ضرورت

تحرير: غلام حسين لغاري

ٽن با اختيار اختيارين تي ٻڌل هڪ ٽيم جنهن ۾ نوري آباد پوليس،ايڊيشنل ڊئريڪٽر زراعت ڄامشورو محمد عثمان جاگيراڻي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿاڻو بولا خان آصف علي سومروشامل هئا تن  نوري آباد جي صنعتي زون ۾ واقع ڀاڻ ۽ زرعي دوائن تيار ڪندڙ هڪ هلندڙ ڪارخاني تي ڇاپو ھڻي وڏي مقدار ۾ نقلي ڀاڻ ۽ زرعي دوائون ھٿ ڪري ورتيون آهن. هن ڪارخاني تي سرسبز ۽ ٻن مختلف ڪمپنين جي برانڊ سان نقلي ڀاڻ ٺاھي، پيڪنگ ۽ مارڪيٽنگ ٿيندي هئي جن جا جعلي بل ۽ خالي باردانا به مليا آهن۔هٿ آيل ڀاڻ دوائون ۽ موجود سمورو سامان جنهن ۾ ريتي بجري، تيار ٿيل ڀاڻ ۽ زرعي دوائون، لاڳاپيل مشينري سرڪاري تحويل ۾ وٺي گودام کي سيل ڪيو ويو آهي.

هي ڪو پهريون ڇاپو نه هيو پر هن کان اڳ ويجهڙائي ۾ وقت جي سيڪريٽري زراعت سنڌ جي آبائي ڳوٺ دادو ضلعي جي ميهڙ لڳ قاضي عارف ۾ به هن قسم جو ڀاڻ ۽ دائون ٺاهيندڙ نقلي ڪارخانو هٿ آيو هو جنهن تي وقت جي ڊئريڪٽر پلانٽ پروٽيڪشن ذوالفقار علي جاگيراڻي پنهنجي نگراني ۾ ڇاپو هنيو هو ۽ ڪارخانو سيل ڪيو هو.وقت جي ڊپٽي ڊئريڪٽر زراعت محمد نسيم ميمڻ ڦليلي واهه لڳ اهڙي ئي قسم جي ڪنهن زير زمين تي قائم غيرقانوني گودام جو ڳجهن اطلاعن تي پتو لڳائي ڇاپو هنيو هو، جتان پڻ ڪروڙين رپين جو نقلي غير معياري ڀاڻ ۽ زرعي دوائون هٿ آيون هيون جن جي ايف آءِ آر به داخل ٿي هئي.وري کپرو لڳ به اهڙي قسم جو ڇاپو وقت جي ڊپٽي ڊئريڪٽر زراعت ۽ پلانٽ پروٽيڪشن ونگ جي با اختيار آفيسر نديم احمد ڪورائي جي اڳواڻي ۾ به هڪ ڪارروائي دوران غير معياري دوائون ۽ ڀاڻ هٿ آيوهو.جڏهن ته وقت جي ائڊيشنل ڊئريڪٽر زراعت سکر عبدالقادر دايو به سکر شهر جي تير چوڪ وٽ هڪ غير قانوني طور هلندڙ ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي هلندڙ مني فيڪٽري جو پتو لڳائي ڇاپو هنيو هو جتان پڻ ڪروڙن رپين جو نقلي ڀاڻ ۽ دوائون هٿ آيون هيون ۽ ايف آءِ آر به داخل ٿي هئي.

سنڌ ۾ هن قسم جا ڇاپا ۽ غير معياري ڀاڻ توڙي زرعي دوائن جي خلاف سالن کان ڪاروائي هلندڙ آهي.ڪٿي ڪيس داخل ٿين ٿا ڏوهارين کي سزائون ملن به ٿيون ته ڪٿي پوليس جي عدم تعاون ۽ ڪجهه وري سنگت جي لاپرواهي سبب هن قسم جا سوين ڪيس سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ لاوارث پيل آهن جيڪي داخل نه ٿي سگهيا آهن پنهنجو مدو وڃائي چڪا آهن گهڻا ته انسپيڪٽر بدلي ٿي ويا آهن يا وري رٽائر ٿي چڪا آهن جنهنڪري به ڪيس لاوارث پيل آهن جن جي هاڻ ڪو به پوئواري يا مالڪي ڪرڻ وارو ڪونهي جنهنڪري غير معياري توڙي نقلي ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جو گورک ڌنڌو ڪندڙ آزاد آهن وڻين ته جتي غير قانوني فيڪٽريون قائم ڪن وڻين ته بنا لائسن ڊيلرشپ جو دوڪان کولي ويهي کلئي عام ڌنڌو ڪن.ڀلي سنڌ جو ننڍو عام غريب آبادگار جو مالي ۽ پئداواري نقصان ٿيندو رهيو.زرعي انسپيڪٽرن جو وري اهو موقف آهي ته اهي فيلڊ ۾ وڃي آبادگارن جي رهنمائي ڪن يا وري پوليس ٿاڻ ۽ عدالتن جا پنهنجي خرچ تي ڌڪا ڌاٻا کائين.عدالتن ۾ سرڪاري وڪيلن جي سهولت نه هجڻ ڪري اهي پنهنجي پگهارن مان خرچ ڪري نجي وڪيل ڪن ٿا ۽ عدالتن ۾ پيش ٿين ٿا.کاتي ۾ به ڪا اهڙي قانوني ونگ ناهي جيڪا سندن قانوني رهنمائي ڪن.

نوري آباد ،سکر،قاضي عارف، حيدرآباد ۽ ٻين هنڌن تي ڀاڻ ۽ دوائن جي غيرقانوني پتو لڳل ڪارخانن مان صاف ظاهر آهي ته ان قسم جي گورک ڌنڌي وارا هاڻ پنجاب جون سرحدون ٽپي اچي ڪري سنڌ ۾ پنهنجا ديرا وسايا اٿن ۽ با آساني سان هن گورک ڌنڌي ۾ لڳل آهن جو کين اها پڪ ٿي چڪي اٿن ته اهڙي ڪڌي ڪاروبار لاءِ  سنڌ ۽ سنڌ جا معصوم آبادگار سولا آهن جن کي بيوقوف بڻائي سگهن ٿا.ان جو اهو به سبب آهي جو ڇاپا به لڳن ٿا ايف آءِ آرز  به داخل ٿين ٿيون پر کين سزا و جزا قانون پٽاندڙ نٿي ملي ۽ سنڌ ۾ کين ادارن جو پورو پورو پروٽوڪول به ملي ٿو.

وري اچرج جي اها به ڳالهه آهي جو جن ڪمپنين جي ليبل ۽ بارداڻو استعمال ٿئي ٿو اهي ملڪ جون ناليواريون ڪمپنيون هونديون آهن پر اهي به گورک ڌنڌي ۾ شامل ڏوهارين خلاف ڪنهن به قسم جي ڪاروائي ڪرڻ هرجاڻو وصول ڪرڻ جي ڪوشش نٿيون ڪن جيئن نوري آباد ڇاپي دوران سرسبز ڀاڻ ۽ ٻين ڪمپنين جو بارداڻو بل مليا آهن جيڪو پڻ پنهنجي جاءِ تي وڏو گناهه آهي. ڇاپي هيٺ آيل نوري آباد ڪارخاني ۾ موجود ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا سيمپل ڪڍي زرعي ليبارٽري ڏانھن ڪيميائي ٽيسٽ ۽ رپورٽ لاءِ  اماڻيا ويا آهن ته جيئن تيار ٿيل مال جي معيار جو پتو لڳائي سگهجي۔ هن ڏس فوري گرفتاري انهي ڪري نه ٿي سگهي جو سائيٽ تي سواءِ چوڪيدار جي باقي ٻيو ڪو به ملازم يا مالڪ موجود نه هيو ۔بهرحال ائڊيشنل ڊئريڪٽر زراعت محمد عثمان جاگيراڻي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿاڻو بولا خان آصف علي سومرو صاحب مبارڪ جا مستحق آهن جن ڇاپو هڻي زير زمين هلندڙ ڀاڻ جي خفيه ڪارخاني جي نشاندهي ڪري ڪروڙين رپين جو جعلي ڀاڻ دوائون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيوآهي.

چاپي هيٺ آيل ڪارخانو نوري آباد جي صنعتي علائقي ۾ موجود هجي ان جي ڪنهن ته اجازت ڏني هوندي ۽ هنڌ مهيا ڪرڻ لاءِ  ڪو ته تحريري معاهدو ٿيو هوندو، ڪنهن وٽ ته اهڙي معاهدي ۽ ڪاروبار جا تفصيل موجود هوندا جنهن جي خبر صنعتي زون جي اختيارين کي به ضرور هوندي جن پنهنجي زون ۾ اهڙي ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏني. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها جو ڇاپي هڻڻ کان اڳ صنعتي زون جي اختيارين کي اطلاع ڏنو وڃي ها يا ڇاپي لاءِ  بطور شاهد گهرايو وڃي ها خبر ناهي ته اهڙي ڪوتاهي ڪنهن ڪئي ڇو ڪئي؟. بهرحال اهو ڪارخانو ضرور پراڻو هوندو جنهن کي ڪنهن جي ته پٺڀرائي هئي جو اهو ڪڌو ڪم بنا خوف خطري جي پئي هليو۔ ڇاپو ته لڳو پر اصل مالڪ وائکا ٿي نه سگهيا آهن نانگ ڀڄي ويو هاڻ نانگ جا نشان پيا ڪٽبا يعني ملازم ڪٽبا جيڪڏهن هٿ ايندا باقي ڀڄي نڪتا ته پوء ڪل پيران دا خير۔

ڇاپي جي فوري بعد ايف آءِ آر داخل ٿيڻ قانوني تقاضا آهي، جنهن جي دير ٿيڻ ۾ قانوني مونجهارا پئدا ٿين ٿيندا آهن. هن ڪڌي ڪم ۾ ڪرمنل ائڪٽ پي پي سي به شامل ٿي سگهن ٿا اهو ڪم ڇاپي ۾ شريڪ پوليس جو به هو ته اها صنعي زون ۾ بنا اجازت ڪارخانو قائم ڪرڻ ،مختلف ڪمپنين جو بارداڻو رکڻ ليبل استعمال ڪرڻ،جعلسازي، ملاوٽ، صارفين سان ٺڳي ڪرڻ، کين مالي نقصان پهچائڻ ۽ ،علائقي مان غير قانوني طور بجري ريتي کڻي ان مان ڀاڻ ٺاهڻ ، سرڪاري ٽئڪس ڦٻائڻ وارا قلم لڳائي پنهنجي سطح تي الڳ ايف آءِ آر داخل ڪري پتو لڳائي ته هن ڪڌي ڪم ۾ ڪير ڪير ملوث آهي ۽ رهيو آهي جن جي نشاندهي ٿيڻ ضروري آهي. باقي فرٽيلائيزر ائڪٽ ۽ زرعي دوائن آرڊيننس جي خلاف ورزي وارو ڪيس ائڊيشنل ڊئريڪٽر زراعت ڀاڻ جو ڪيس سڌو سنئون سول ڪورٽ ۾ داخل ڪري ۽ زرعي دوائن جي ايف آء آر پوليس ۾ داخل ڪرائي سگهيو پئي. اطلاع آهن ته هن ڪرايو به آهي.ڇاپي ۾ شريڪ اسسٽنٽ ڪمشنر جا ڪوالٽي ڪنٽرول جا پنهنجا الڳ اختيارات آهن، جيڪو پڻ قيد ۽ ڏنڊ جون سزائون ڏئي سگهي ٿو۔

نوري آباد جي صنعتي زون ۾ قائم هن غيرقانوني ڪارخاني جو پتو لڳڻ کانپوءِ آبادگار طبقي جو اعتماد کڄي چڪو آهي جنهن لاءِ  مڪمل تحقيقات ۽ هن گورک ڌنڌي ۾ ملوث ڪاروباري ماڻهن جو پتو لڳائڻ ضروري آهي ۽ جن به آبادگارن ريتي بجري مان ٺهيل ڀاڻ استعمال ڪري نقصان کاڌو آهي تن کي پئسا واپس ٿيڻ گهرجن.اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿيندو جڏهن ڪارخاني جا مالڪ ۽ ٻيو عملو هٿ ايندو ۽ پڇا ڳاڇا ٿيندي ته هنن اهو سمورو مال ڪهڙن ڊيلرن وسيلي نيڪال ڪيو آهي. سنڌ ۾ هن وقت هزارن جي انگ ۾ کنڀين جي ڦوٽهڙي جيان بنا لائسنز ڊيلر اهڙي گورک ڌنڌي ۾ ملوث آهن جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان يا ڪنهن جي طاقت جي زور تي ڪڌو ڪاروبار ڪن ٿا. بهرحال جعلي دوائن ۽ ڀاڻ جي خفيه ڪاروبار جي پاڙ پٽڻ گهرجي جيڪو وقت جي ضرورت آهي۔اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿيندو جو پوليس زرعي ايف آءِآرز بنا ڪنهن دير جي داخل ڪندي رهي جيڪي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سالن کان سون جي انگ ۾ درج ٿي ناهن سگهيون ۽ لاوارث پيل آهن.

بهرحال جمهوري حڪومتن ۾ ته ڍر ملڻ لازمي جز آهي پر نگران حڪومتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ۾ آبادگارن ۽ زراعت کي گورک ڌنڌو ڪرڻ وارن کان محفوظ رکڻ گهرجي جنهن لاءِ  سنڌ جو نگران وڏو وزير ۽ نئون سيڪريٽري زراعت هن ڏس ۾ اڳتي وڌن۔ ڪوشش ڪري بهتر فرض ادا ڪندڙمحنتي  زرعي آفيسرن و انسپيڪٽرن جي حوصله افزائي ڪن ته جيئن زراعت کاتو مستحڪم ٿئي ۽ غير معياري ٻجن ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي ڪاروبار جو سنڌ ۾ حتمي خاتمو اچي سگهي.هن ڏس ۾ سنڌ اندر زرعي سمري عدالتون قائم ڪيون وڃن ۽ زرعي انسپيڪٽرن کي سرڪاري وڪيلن جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. ڊئريڪٽوريٽ جنرل  پلانٽ پروٽيڪشن الڳ قائم ڪري زرعي انسپيڪٽرن کي انجي ماتحت بڻايو وڃي.اهڙي طرح سالن کان لاوارث پيل زرعي ايف آءِ آرز جو پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته پوليس اهي ڪهڙي سبب داخل ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري آهي يا ڪيو ٻيو سبب آهي.

 

 

سنڌ اندر زرعي سمري عدالتون قائم ڪيون وڃن ۽ زرعي انسپيڪٽرن کي سرڪاري وڪيلن جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. ڊئريڪٽوريٽ جنرل  پلانٽ پروٽيڪشن الڳ قائم ڪري زرعي انسپيڪٽرن کي انجي ماتحت بڻايو وڃي.اهڙي طرح سالن کان لاوارث پيل زرعي ايف آءِ آرز جو پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته پوليس اهي ڪهڙي سبب داخل ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري آهي يا ڪيو ٻيو سبب آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.