پريا ڪماري آزاد نه ٿي، سکر ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم

سکر (رپورٽر) سکر ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ وائيس آف راڻيپور جي احتجاجي ڪئمپ قائم، پريا ڪماري، اسلام سومرو  ،علي حسن ميمڻ  ۽ ٻين مغوين جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ، راڻيپور کان سکر پريس ڪلب تائين پيادل مارچ کانپوءِ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري رات ڏينهن وارو احتجاج نائين ڏينهن به جاري رکيو ويو، احتجاجي مرحلي جي سرواڻي ڪندڙ ڊاڪٽر نذير کوکر مغوي اسلام سومرو جي والد محمد پريل سومرو، مخدوم بلاول، عطا محمد ڀٽو ۽ ٻين ٻڌايو ته مغوين جي بازيابي لاءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آرمي چيف ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيلون ڪيون آهن ته سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي احتجاجن جو نوٽيس وٺي مغوين جي زندگي بچايو پر هن مهل تائين ڪو نوٽيس نه ورتو ويو آهي، اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته پريا ڪماري، اسلام سومرو، علي حسن ميمڻ ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.