ايس آءِ يو ٽي ريجنٽ پلازا هوٽل کي خريد ڪرڻ اسپتال ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽ (SIUT) ڪراچي جي مين هاءِ وي تي واقع هوٽل کي اسپتال ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ 14.5 ارب رپين جي آڇ ڪئي آهي.ايس آءِ يو ٽي جي اختيارين موجب شاهراههفيصل تي هوٽل ريجنٽ پلازه کي خريد ڪرڻ لاءِ 14.5 ارب  رپين جي آڇ ڪئي وئي آهي، جيڪا پاڪستان هوٽل ڊولپرز لميٽيڊ (پي ايڇ ڊي ايل) جي ملڪيت آهي ان سائيٽ کي اسپتال ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.ايس آءِ يو ٽي جي ٽرسٽي ميمبر سيد شبر زيدي ميڊيا سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته هن 47 هزار اسڪوائر فوٽ تي ٺهيل هوٽل کي خريد ڪرڻ لاءِ ساڍا 14 ارب رپين جي آڇ ڪئي آهي، جيڪا هڪ سال اندر اسپتال ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي.شبر زيدي چيو ته ڪراچي کي هڪ وڏي اسپتال جي سخت ضرورت آهي، هڪ وڏي اسپتال کي حاصل ڪرڻ ۽ ٺاهڻ ۾ ڪيترائي سال لڳندا آهن، تنهن ڪري شهر جي دل ۾ ٺهيل عمارت خريد ڪرڻ جو بهترين آپشن آهي، ان کي اسپتال ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته جڳهه پڻ مثالي آهي ڇو ته اهااين آءِ سي ايڇ،اين آءِ سي وي ڊي ۽ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي ويجهو آهي.شبر زيدي چيو ته پي ايڇ ڊي ايل اڃا تائين اسان جي آڇ قبول نه ڪئي آهي پر اميد آهي ته پاڪستاني عوام ۽ ٻين ملڪن مان علاج لاءِ ايندڙ مريضن جي فائدي ۾ اسان جي آڇ قبول ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.