سنڌ هاءِ ڪورٽ نيشنل هاءِ وي ۽ سپر هاءِ وي کي ملائيندڙ روڊ کولڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس ذوالفقار خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ نيشنل  هاءِ وي کي سپر هاءِ وي سان ملائڻ واري لنڪ روڊ کي فوري کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ۾ سپرهاءِ وي کي نيشنل هاءِ وي سان ملائڻ واري لنڪ روڊ کي احتجاجن بندڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل اٿارڻي کي سموريون ڪوششون ڪري روڊ کولڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته لنڪ هن وقت به بند پيل آهي، ٽريفڪ بحال ناهي ٿي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان چيف سيڪريٽري سنڌ کي فوري روڊ کولڻ جو حڪم ڏنو آهي اسان ڪيس کي اڪلائي رهيا آهيون اگر ان تي عمل نه ٿيو ته اوهان توهين عدالت درخواست داخل ڪجو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.