ننگرپارڪر ۾ غير معياري تيل وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون، ڏنڊ هڻڻ خلاف هڙتال، ڌرڻو

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) ننگرپارڪر ۾ اي سي جا دڪانن تي ڇاپا، غيرمعياري تيل وڪرو ڪندڙن ۽ صفائي نه رکندڙن تي ڏنڊ،  واپارين طرفان وڌيڪ ڏنڊ هڻڻ خلاف شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ننگرپارڪر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طرفان غيرمعياري تيل وڪرو ڪرڻ ۽ صفائي نه هجڻ تي 10 کان وڌيڪ دڪاندارن، هوٽل مالڪن ۽ مٺائي دڪاندارن تي ڏنڊ هنيا، واپارين ابراهيم چاڪي جي اڳواڻي ۾ شٽربند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون نئوڪوٽ-مٺي روڊ تي ڌرڻو هڻي هنيو، اسسٽنٽ ڪمشنر محمد خان ڀنگوار ٻن دڪاندارن واپاري ايسوسيئيشن صدر ابراهيم چاڪي ۽ آدم ٿيٻو ڪريانه اسٽور تي غيرمعياري آئل وڪرو ڪرڻ  تي  ڏهه، ڏهه هزار ڏنڊ ورتو، واپاري اڳواڻ ابراهيم چاڪي جي پٽ عمران چاڪي اي سي کي ڏنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته اي سي دڪان سيل ڪري کيس گرفتار ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، واپاري ايسوسيئيشن جي صدر ابراهيم چاڪي ۽ ذوالفقار ٿيٻو ٻڌايو ته اي سي ناجائزي ڪئي آهي، ڏنڊ پنج سئو جي اندر هوندو آهي اسان کان 10 هزار ورتا ويا آهن، جڏهن ته آئل کليل جتي ڪٿي وڪرو ٿي رهيو آهي ۽ ٽارگيٽ ڪري اسان جي دڪانن تان ڏهه ڏهه هزار ڏنڊ وصول ڪيو ويو، اسان کي ايتري بچت به نه ٿيندي آهي، اسسٽنٽ ڪمشنر محمد خان ڀنگوار جو چوڻ هو ته شهر جا 30 دڪان ۽ هوٽلون نگران وڏي وزير جي حڪم تحت چيڪ ڪيا ٻن دڪانن تي غيرمعياري آئل جا 25 کان مٿي ڪين هئا جن تي نه ڪمپني لکيل هئي نه ايڪسپائري تاريخ، قانوني ڏنڊ ورتو آهي، قانون موجب ڏنڊ هڪ لک روپين تائين وٺي سگهون ٿا رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائيندس، هن چيو ته صرف ٻن دڪانن تي غيرمعياري آئل نظر آيو باقي مٺائي جي دڪانن تي غيرمعياري آئل ۽ هوٽلن تي صفائي نه هجڻ تي ڏنڊ ورتو، واپاري ايسوسيئيشن صدر ابراهيم چاڪي ۽ ٻين اڳواڻن جي معافي وٺڻ کانپوءِ معاملو درگذر ٿي ويو ۽ واپاري اڳواڻن واپس اچي احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرائي شٽربند هڙتال به ختم ڪرائي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.