سنڌ ۾ ڏوهارين ۽ انهن جي سرپرستن خلاف بي رحم آپريشن ڪيو وڃي: محنتي

ڪراچي(پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي خانپور ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو حملو، ڪوٽ شاھو  ٿاڻي جي ايس ايڇ او پٽ ۽ اھلڪارن سميت اغوا ڪرڻ جي واقعي کي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ انڌير نگري چرٻٽ راڄ قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪٿي به رٽ نظر نٿي اچي، عملي طور عوام ۽ صوبي کي ڌاڙيلن جي رحم وڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، جڏهن ته محافظ پاڻ ئي محفوظ ڪونه آهن ته پوءِ اهي عوام جي ڪهڙي حفاظت ڪندا، ھن اڄ ھڪ بيان ۾ چيو ته ڪشمور کانپوءِ شڪارپور ۾ ڌاڙيلن هٿان ايس ايڇ او سميت اھلڪارن جي اغوا وارو واقعو افسوسناڪ ۽ ڌاڙيل راڄ جي نشاندھي ڪري ٿو، ظلم وري اهو جيڪا پوليس عوام مٿان لٺون وسائيندي آهي، اها ساڳي پوليس ڌاڙيلن سان ڳالهيون ڪري پئي جيڪا قانون سان مذاق برابر آهي، عوام جي جان مال جي حفاظت توڙي ڪوٽ شاھو جھڙي واقعن جي سد باب لاءِ ضروري آھي ته ڏوھارين توڙي انھن جي سرپرستي ڪندڙمقامي بااثر ڌرين خلاف بي رحم آپريشن ڪري امن قائم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.