ايس ايڇ او سميت 5 اهلڪار آزاد نه ٿيا، اغوا ڪيس داخل، پوليس جو ٽن ڳوٺن کي ڪڙو

پنوعاقل(رپورٽ: رستم انڍڙ) پني عاقل جي ڪچي ۾  پوليس اسٽيشن تان اغوا ٿيل ايس ايڇ او ۽ سندس پٽ سميت پنج ئي پوليس عملدار آزاد نه ٿيا، 14 ڄاتل جوابدارن سميت 40 ھٿياربندن خلاف ڪوٽ شاهو  ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ اغوا ڪارن ۽ سندن سهولتڪارن سميت سرپرستن کي به شامل ڪيو ويو، ذريعن موجب پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ گذريل رات دير تائين پنج ئي مغوي پوليس عملدارن کي بازياب ڪرڻ جي ڊيل مڪمل ٿي وئي هئي جيڪا پڻ جٽا نه ڪري سگھي جنهن ڪري شڪارپور ضلعي جي پوليس ۽ رينجرز ڌاڙيلن جي ٽن ڳوٺن کي آخري اطلاعن تائين ڪڙو ڏئي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ويهي رهي  پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگھي،  ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ ھو ته ڌاڙيلن سان ڪا ڊيل نه ڪئي ويندي ڪارروائي ڪري پوليس جي جوانن کي آزاد ڪرايو ويندو، ڪوٽ شاهو پوليس اسٽيشن تان گذريل ٻه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ايس ايڇ او محبوب علي بروهي ۽ سندس پٽ محمد علي بروهي، ھيڊمحرر نسيم گوپانگ ۽ پوليس اهلڪارن جان محمد بکراڻي ۽ اياز علي ڪنڀر کي شڪارپور پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي، ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ سب انسپيڪٽر اڏيل جعفري جي فرياد تي دودو بڊاڻي ٻانهون بڊاڻي، عبدالجبار بڊاڻي، رمضان بڊاڻي، غلام مصطفيٰ عرف مصطو بڊاڻي ،علي مراد بڊاڻي، محبوب بڊاڻي، گامو عرف عمن بڊاڻي ،پوپٽ بڊاڻي، جان محمد عرف جاني بڊاڻي، عبدالحق بڊاڻي، صادق بڊاڻي، حضورو عرف ڏاڏو بڊاڻي ۽ شوڪت اوڳاهي سميت 14 ڄاتل جوابدارن سميت 40 ھٿياربندن خلاف دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.